لاڙڪاڻو/موهن جو دڙو (نمائندن وٽان) موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي فلائيٽون هلائڻ لاءِ ناليواري وڪيلن امداد مشوري، ساجد حسين مھيسر ۽ رفيق احمد ابڙو طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ هنن بچاءُ کاتي جي وفاقي سيڪريٽري، چيئرمين پي آءِ اي، ڊي جي سول ايوويشن اٿارٽي، ڊي جي پي آءِ جناع انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي سميت ٻين کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪافي سالن کان موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي فلائيٽون بند ٿيل آهن، تنهن ڪري عدالت کي استدعا آهي ته موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي گهٽ ۾ گهٽ روزاني جي بنياد تي لاڙڪاڻي کان ڪراچيءَ لاءِ ٻه فلائيٽون هلايون وڃن ۽ ڪراين ۾ گهٽائي ڪئي وڃي ته جيئن تاريخي ماڳ موهن جو دڙو جي دوري لاءِ پرڏيهي سياحن کي همٿائي سگهجي. اھڙي آئيني پٽيشن داخل ٿيڻ تي عدالت پٽيشن جي ٻڌڻي 9 اپريل تي مقرر ڪندي لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.