موهن جو دڙو: اسٽوپا ڀرسان ڀت وٽان ٽامي جي سڪن سان ڀريل مٽ هٿ

0
271
موهن جو دڙو: اسٽوپا ڀرسان ڀت وٽان ٽامي جي سڪن سان ڀريل مٽ هٿ
موهن جو دڙو: اسٽوپا ڀرسان ڀت وٽان ٽامي جي سڪن سان ڀريل مٽ هٿ

موهن جو دڙو (رپورٽ: معشوق ڏيرو) موهن جي دڙي جي ٻڌ اسٽوپا ڀرسان ڳجهي گهٽي جي هڪ حصي جي ڪنزرويش واري ڪم دوران مزدورن پاران ڳريل ڀت کي کوٽڻ وقت قديم سڪن سان ڀريل مٽ هٿ آيو آھي

جڏھن ته قديم ماڳ جي مرمتي ڪم وقت کوٽائي ۾ هٿ آيل قديم سڪن جي مٽ کي عملي لڪائي ڇڏيو آھي، ان ڏس ۾ موهن جو دڙو جي ملازم امتياز ڊومڪي جو چوڻ ھو ته اسان هٿ آيل مٽ کي ٻيهر دفن ڪري ڇڏيو آهي

ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته ڊائريڪٽر موهن جو دڙو سيد شاڪر شاهه موجود نه سبب هٿ آيل سڪا ظاهر نه پيا ڪيا وڃن، ڊائريڪٽر پنهنجي نگراني ۾ انهن سڪن کي ظاهر ڪندو

مرمتي ڪم دوران کوٽائي ڪندي هٿ آيل ٽامي جا سڪا  2 صدي کان 5 صدي جي ڪشان دور جا ٿي سگهن ٿا، ساڳيا ٽامي جا سڪا 1922 کان 1931ع تائين ماڳ جي کوٽائي ڪندڙ ماهرن آر ڊي بئنرجي، سر جان مارشل ۽ مئيڪي کي به هٿ آيا هئا، جن جو تعداد 4 هزار 3 سئو 48 هو