ماڻھو جو جتي جنم ٿئي ٿو، اتي جي مٽي جي رنگت هن جي روح ۾ خوشبو پکيڙي ٿي ۽ اتان جي مادري ٻولي هن جي معصوم وجود ۾ ٻاتن ٻولن جي سرگم سان، آواز جو روپ ڌاري گونجي ٿي، ۽ اڳيان هلي اها ٻولي اتان جي ماڻھن توڙي ڌرتي جي سڃاڻپ بڻجي ٿي. هن وقت دنيا ۾ سڌريل قومن کي سندن مادري زبانن کي وڌ کان وڌ ترقي ڏيارڻ جي اوني اچي ورايو آھي. اها سٺي ڳالھ آھي، ڇاڪاڻ ته ٻولين سان ئي قومن جا وجود، ثقافتون ۽ ڌرتي جي سڃاڻپ برقرار رهندي آھي. مادري ٻولي ڏاڍي مٺي ٿيندي آھي، اها ان ڪري به جو ان ۾ ابتدائي اظھارڻ ٿيندو آھي، پينگهي ۾ مٺي لولي جي سفر کان جواني تائين محبوب سان محبت جي اظهار جي ٻول ٻولڻ تائين، اهائي مادري ٻولي هوندي آھي، جيڪا انساني وجود ۾ خوشيون ڀري ٿي، ته ڪڏھن غمن جي انبارن جي صورت ۾ ڪو درد ڀريو گيت نڙيءَ مان بي ساختا نڪري هوائن ۾ ڪوهين ڏور پڙاڏو بڻجي هليو وڃي ٿو، ۽ ان وجود جي اندر جو بار هلڪو ٿئي ٿو.
ٻولي انسان جي نه فقط سڃاڻپ بڻجي ٿي، ليڪن اها تڪليف ۾ واهر پڪار جو وسيلو به هوندي آھي. ٻولي ۾ اشارن جي ادا به هوندي آھي، ڪڪرن جي گجگوڙ جيان للڪار به هوندي آھي. ٻولي اڌ رات ۾ محبوب جي سامهون انهن سڀني لڙڪن جي حساب جيان هوندي آھي، جيڪي محبوب کان جدائي ۾ ڳاڙيا ويندا آھن. ٻولي محبوب سان اهو وچن هوندو آھي، جيڪو ساهه جي آخري هڏڪي تائين نه ٽٽندو آھي. ٻولي سانوڻ جي وسڪارن جو اهو سڏ آھي، جيڪو هڪ ڀٽ کان ٻي ڀٽ تائين ورنائبوآھي. ٻولي اڃايل ڪونجن جي اها ڪرڪ آھي، جا اڌ رات جي سناٽي ۾ سمهڻ نه ڏيندي آھي، ۽ روح ۾ نئين اوک ڊوک پيدا ڪندي آھي، جا نيٺ صحرا جي نيڻن ۾ شبنم بڻجي باک ڦٽي ۾ وسڻ لڳندي آھي، ٻولي هوا جي ان جهونڪي جيان هوندي آھي، جيڪو آرهڙ جي تتل ڏينهن ۾ ڪڪر ڪار ٿيڻ پڄاڻان پهاڙن جي چوٽين تان شور مچائيندو لهسيل لڱن ۾ نئين لونء پيدا ڪندو آھي. ٻولي پرهه جي پکين جي لات به آھي، ته وري گڊ جي اها دانهن آھي، جا چانڊوڪي ۾ پهاڙ جي چوٽي تان ٻڌبي آھي. ٻولي ڄارڻ جي چنگ جي صدا به آھي، ته محبوب جي اها ادا به آھي، جنهن تان ڪيئي راءِ ڏياچ جهڙا عاشق ڪنڌ ڪوري ڏيئي ٿا ڇڏين.
هر ماڻھو لاءِ مادري ٻولي ايئن هوندي آھي، جيئن ننڍپڻ ۾ ماءَ جي ڪوسي هنج، ان ڪري عالم جا اڪابر سندن مادري ٻولين جي واڌ ويجھ لاءِ ايئن ڪوشان هوندا آھن، جيئن ڪڙمي پنهنجي فصل جي سنگ سنگ لاءِ ڪوشان هوندو آھي. دنيا ۾ هزارين ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون پر هن وقت گهڻو ڳالهايون ويندڙ ٻولين ۾، مدرين چائينيز، انگريزي، اسپيني، عربي، هندي، ملائي ۽ رشين اچي وڃن ٿيون. پاڪ و هند ۾ ڪيتريون ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻھو موجود هئا، جن ۾ ھندي، سنڌي، بنگالي، پشتو، پنجابي، بلوچي، ۽ سرائيڪي ٻولين ڳالهائڻ وارا ماڻھو هئا. پندرهين ۽ سورھين صدي ۾ دهلي ۾ مغل راڄ دوران فارسي دفتري ٻولي طور رائج ھئي، ان دوران فارسي پڙهيل ماڻھن کي سرڪاري ملازمتن ۾ رکيو ويندو هو. فارسي زبان جو اهو دور مغلن بادشاهن کان ويندي ڪلهوڙن جي دور تائين موجود رهيو. ان کان اڳ سنڌ ۾ عربن جي اچڻ کان پهرين سنسڪرت ۽ پراڪرت جو واهپو جام هو. ميرن جي دور ۾ به سرڪاري لکپڙه فارسي ۾ ئي ٿيندي رهي. انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻولي جي الفابيٽ ٺاهڻ جي اشد ضرورت محسوس ڪندي سنڌي عالمن جي ڪميٽي ٺاهي ويئي، جنهن ۾ منشي اڌارام ٿانورداس، مرزا صادق علي بيگ ۽ ٻيا شامل هئا، جن 1853ع ۾ ان ڪميٽي هاڻوڪي ٻاونجاهه حرفي عربي سنڌي آئيويٽا ٺاهي راس ڪئي، جنهن ۾ سنڌي، فارسي، عربي ٻولين جا اکر شامل ڪيا ويا. ان کان اڳ ۾ ديوناگري لپي ۾ سنڌي ٻولي جي لکپڙه ٿيندي هئي. جيتوڻيڪ سترنهن سئو عيسوي ۾ مولوي ابو الحسن سنڌي خانگي طور عربي فارسي حرفن جي ملاوت سان هڪ عارضي الف ب ٺاهي هئي، جنهن ۾ ڪجهه ڪتاب به لکيا ويا، ليڪن اها الف ب گهڻو وقت ڪارگر نه رهي، جنهنڪري موجوده الفابيٽ رائج ڪئي ويئي. سنڌي ٻولي ۾ ڪيتريون نزاڪتون ۽ نڪتا آھن، جنهن ڪري اها ھندستان جي اولهائين ٻولين کان گهڻو سرس آھي. سنڌي ٻولي لفظن جي گهڻائي ۽ گوناگوني ڪري نهايت برجستي آھي.
اسان جي آڏو اهو اهم سوال موجود آھي ته اسان پنهنجي سنڌي ٻولي کي ڪهڙي ترقي وٺرائي آھي؟ ڏک جي ڳالھ اها آھي ته اسان جي ٻولي اسان جي ملڪ ۾ اڃان قومي ٻولي جو درجو ماڻي نه سگهي آھي، جڏھن ته هندستان ۾ سنڌي ٻولي هندستاني ٻين ٻولين سان گڏ علائقائي قومي ٻولين جو مقام ماڻي چڪي آھي. ڪنهن ٻولي جو موت تڏھن ٿيندو آھي، جڏھن ان ٻولي ۾ ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو وڃي ٿو. هڪ اندازي موجب دنيا ۾ پندرهن سئو ٻوليون مري چڪيون آھن، جن ۾ سنسڪرت، ۽ ٻيون ٻوليون اچي وڃن ٿيون. ٻوليون ڪنهن انسان، جانور، پکي يا ٻي جيوت وانگي هڪ ڏينهن ۾ ڪونه ٿيون مرن. انهن ۾ ادب سرجڻ جو واڌارو نه ٿيڻ، قومي سطح تي ان کي ترقي نه وٺائڻ ۽ ٻين سببن ڪري، اهي ٻوليون سندن خاموش موت ڏانهن آھستي آھستي ڌڪبيون رهنديون آھن، ۽ صدين پڄاڻان خاموش موت مري وينديون آھن.
پنهنجي مادري ٻولي سان پيار ڪندڙ قومون ان ٻولي جي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙينديون آھن، ايتري حد تائين جو ان مٿان سر به گهوري ڇڏينديون آھن، جيئن بنگالين بنگالي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ 21 فيبروري 1948ع تي رمنا واري علائقي ۾ جلوس ڪڍي بنگال جي صوبائي اسيمبلي ۾ ياداشتنامون پيش ڪرڻ ٿي چاهيو، پر پوليس 144 قلم هئڻ جو چئي کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تان گوڙ ٿي ويو. پوليس کين روڪڻ ۾ ناڪامي تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ پنج ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا. اهڙي طرح اسرائيلن به سندن اصلي ٻولي عبراني کي بچائڻ لاءِ پنهنجن ماڻھن کي هر حال ۾ سندن مادري ٻولي ۾ ڳالهائڻ جو پابند ڪيو.
برطانيا، آمريڪا سميت ٻين ملڪن ۾ جتي انگريزي ٻولي ڳالهائيندڙن جي گهڻائي آھي، اهي اتي لازمي طور انگريزي ٻولي ڳالهائين ٿا، جنهن ڪري انگريزي ٻولي دنيا جي ٻين ٻولين کي وڃي ٿي پوئتي ڌڪيندي. جيتوڻيڪ اڄ ڏينهن تائين دنيا ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي علائقائي ٻوليون آھن، جن ٻولين کي پنهنجي صورتخطي ڪانهي. انهن علائقائي ٻولين ۾ ادب جو ذخيرو ناهي. اهڙين ٻولين کي شاهوڪار ٻولين جي ڀيٽ ۾ غريب ٻوليون سڏيو وڃي ٿو. مادري ٻولي قوم لاءِ ايئن هوندي آھي، جيئن اڃايل روجهن لاءِ پاڻيءَ جو چشمو.
جيتوڻيڪ مادري ٻولي ۾ لوڪ ادب جو وڏو سرمايو هوندو آھي، اهو سرمايو ثقافت جو جيئندان به هوندو آهي. ٻولين سان ڌرتي جي سڃاڻپ هوندي آهي. ڌرتي جي سر سبزي سان ٻوليون زنده رهن ٿيون، ٻولين سان وري قومن جي سڃاڻپ بر قرار رهي ٿي.