آصف زرداري خلاف نفرت پکيڙڻ جي الزام هيٺ گرفتار شيخ رشيد جو ٻن ڏينهن وارو جسماني رمانڊ پورو، اسلام آباد پوليس شيخ رشيد کي ٻيهر عدالت آڏو پيش ڪري ڇڏيو
سنڌ پوليس بلاول ڀٽو زرداري خلاف گٿا لفظ ڳالهائڻ تي شيخ رشيد جي گرفتاريءَ لاءِ اسلام آباد ۾ موجود، مري پوليس به شيخ رشيد جي گرفتاريءَ لاءِ اسلام آباد پهچي وئي
سنڌ پوليس جو چوڻ آهي ته شيخ رشيد کي ڪراچي جي موچڪو ٿاڻي تي داخل ڪرايل ڪيس ۾ گرفتار ڪري سنڌ منتقل ڪيو ويندو، جڏهن ته اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ ۽ سيشن ڪورٽ ۾ شيخ رشيد کي پيش ڪيو ويو، هن قتل ڪرڻ جا الزام هڻندي دانهون ڪيون
شيخ رشيد جي ڀائيٽي شيخ راشد شفيق چيو آهي ته شيخ رشيد اسلام آباد جي ڪنهن به ٿاڻي تي موجود نه آهي، کيس اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، شيخ رشيد پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته مون کي ڪراچي منتقل ڪري قتل ڪيو ويندو
شيخ رشيد ڪراچي ۽ مري پوليس هٿان پنهنجي گرفتاري روڪرائڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ورتي آهي، وڪيل سردار عبدالرزاق خان ذريعي داخل ڪرايل درخواست ۾ شيخ رشيد چيو آهي ته مون کي ڪراچي يا مري پوليس جي حوالي نه ڪيو وڃي
شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته منهنجي جان جي ضمانت ڏني وڃي، خدشو آهي ته ڪراچي يا مري منتقل ڪري مون کي قتل ڪيو ويندو، درخواست ۾ اسلام آباد، سنڌ ۽ پنجاب جي آءِ جيز ۽ گهرو سيڪريٽري کي ڌر بڻايو ويو
ٻئي طرف شيخ رشيد اسلام آباد جي عدالت ۾ دانهون ڪندي چيو ته مون کي پنج ماڻهو قتل ڪرائڻ چاهين ٿا، مون کي قتل ڪيو ويو ته آصف زرداري، نواز شريف، شهباز شريف، راڻا ثناءُ الله ۽ محسن نقوي ذميوار هوندا، رينجرز جي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي
هي به پڙهندا
دهشتگردي خلاف اي پي سي: عمران خان پارٽيءَ جي سينيئر اڳواڻن کي سڏائي ورتو