اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي اجلاس ۾ شير افضل مروت توجهه جو مرڪز بڻيل رهيو، هن ايوان ۾ سوال اٿاريو ته هو پنهنجي ئي ساٿين کان پڇا ٿو ڪري ته کيس ڇو ڪڍيو ويو، شير افضل مروت ايوان ۾ داخل ٿيو ته حڪومتي ميمبرن ڊيسڪ وڄائي مروت کي ڪيون نڪالا جا نعرا هنيا. ان موقعي تي اسپيڪر پنجابي ۾ چيو ته ”ديکنا انون چڪ چڪا کي مروا نه دينا“ ان تي شير افضل مروت چيو ته اوهان به ساٿ ڏيو، ن ليگ جي حنيف عباسي چيو ته اسان توهان سان گڏ آهيون، اوهان کي پي ٽي آءِ ۾ واپس اماڻينداسين، ان موقعي تي شيرافضل مروت پارليامينٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته باني جا ڪن ڀريا پيا وڃن، عمران خان رڳو مون کي ائين چوي ته شڪل نه ڏيکار ته پوءِ آئون ملڪ ئي ڇڏي ويندس.