مون کي وزيراعظم هائوس مان اغوا جي ڪوشش ٿي: بلاول جو انڪشاف

0
19
مون کي وزيراعظم هائوس مان اغوا جي ڪوشش ٿي: بلاول جو انڪشاف
مون کي وزيراعظم هائوس مان اغوا جي ڪوشش ٿي: بلاول جو انڪشاف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جعفر ايڪسپريس واقعي بابت قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي نيشنل ايڪشن پلان ٽو جي تجويز ڏني، بلاول چيو ته هن وقت ماضي کان وڌيڪ خطرناڪ دور مان گذري رهيا آهيون، جيڪي طاقتون پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهين ٿيون اهي متحد آهن، اسان جو اتحاد نه هئڻ سبب دهشتگرد فائدو وٺي رهيا آهن، هن چيو ته دهشتگردي جو مسئلو پاڪستان ۾ ڪو نئون مسئلو ناهي، دهشتگردي سبب اسان کي ۽ هن ملڪ کي تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، جڏهن مان ننڍو هيس ته ان وقت  مون کي وزيراعظم هائوس مان اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان واقعي کانپوءِ محترمه بينظير ڀٽو مون کي ملڪ کان ٻاهر رکيو. مذهبي، لساني دهشتگردن محترمه بينظير ڀٽو تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آخرڪار هوءَ دهشتگردي جو شڪار ٿيندي شهيد ٿي وئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي شهرين پنهنجو ڪردار ادا ڪري پاڪستان کي دهشتگردي کان آزاد ڪرايو، افسوس ته دهشتگردي خلاف حاصل ڪيل سموريون ڪاميابيون ضايع ٿي ويون، هن چيو ته هي جيڪي نام نهاد بلوچ دهشتگرد آھن اهي به پنهنجي آزادي ۽ حق نٿا چاهين  انهن جو مقصد دهشتگردي پکيڙڻ آهي. ٽرين واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن جو خطي جي سياست سان ڪهڙو تعلق هيو پاڪستان ۾ جاري نظام بابت انهن جو ڪهڙو تعلق هيو  بيگناهه ماڻهن کي دهشتگردن شهيد ڪيو، پ پ چيئرمين چيو ته امن امان جي حوالي سان صوبن جي غير مشروط حمايت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نواز شريف نيشنل ايڪشن پلان ٺاهيو هو، ڪو سبب ناهي ته شهباز شريف نيشنل ايڪشن پلان ٽو  نٿو ٺاهي سگهي، هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردن کي شڪست ڏئي سگهون ٿا، بلوچستان جا ماڻهو حق گهرن ٿا، دهشتگردن کان آزادي چاهين ٿا، دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن ڪو به اجتماعي نقصان نه ٿئي، بلوچستان ۾ جيڪا باهه پکڙجي رهي آهي اها چئني صوبن ۽ پوءِ خطي ۾ پکڙجي ويندي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ڪي پي حڪومت وٽ قيدي 804 کي آزاد ڪرڻ کانسواءِ ٻيو به ڪم آهي،  جيڪڏهن اوهان کي درست سياست ڪرڻي آهي ته قيدي 804 کانسواءِ ٻين معاملن تي به تنقيد ڪيو، اسان سڀني کي قومي مسئلن تي متفق ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پ پ چيئرمين چيو ته ڪاش آصف زرداري جي تقرير به ايتري عزت سان ٻڌي وڃي جيتري اپوزيشن ليڊر جي تقرير ٻڌي وئي. صدر پاڻي جي مسئلي تي به خطاب ڪيو، ڪئنال ڪڍڻ جي مخالفت ڪئي ۽ اتفاق راءِ تي زور ڏنو. 27 ڊسمبر تي ڳڙهي خدابخش ۾ به ڪئنالن بابت واضع ڪيو.