لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پنهنجي قتل جو ٽاسڪ ڏيڻ جي دعوي ڪئي آهي، عمران خان جي صدارت هيٺ پي ٽي آءِ ترجمانن جو اجلاس ٿيو، ذريعن موجب عمران خان دعويٰ ڪئي ته منهنجي قتل جي منصوبابندي ڪئي وئي آهي، مونکي قتل ڪرائڻ لاءِ ڏکڻ وزيرستان جي ٻن ماڻهن کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. ذريعن موجب عمران خان دعويٰ ڪئي ته مونکي مارائڻ لاءِ ٻن پيشيوراڻن قاتلن کي پيسا به ڏنا ويا آهن، مون وٽ ان منصوبي جا سمورا ثبوت آهن، ذريعن جو چوڻ هو ته عمران خان اجلاس ۾ ٻڌايو ته پهرين به ٻڌايو هو ته مونکي جنوني شخص جي ذريعي قتل ڪرائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، ٽن شوٽرز ذريعي حملو ڪرائي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جي آءِ ٽي جاچ ڪري ٽن حملو ڪندڙن جي رپورٽ ڏني، هي جيتري وڻي ڪوشش ڪري وٺن، مون تي دٻاءُ نه ٿا وجهي سگهن.

لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته نواز شريف مون کي نااهل ڪرائڻ چاهي ٿو ۽ لڳي ٿو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيندي. اڳوڻي وزيراعظم سان عالمي ميڊيا جي نمائندن زمان پارڪ لاهور ۾ ملاقات ڪئي، ملڪي سياسي صورتحال، معاشي چيلنجز، دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن ۽ تحريڪ انصاف جي سياسي حڪمت عملي سميت اهم معاملن تي سوال جواب ڪيا ويا. ان موقعي تي عمران خان چيو ته پهريون ڀيرو عوام رجيم چينج کي قبول نه ڪيو، پنجاب ۾ اهڙن ماڻهن کي آندو پيو وڃي، جيڪي 25 مئي جي واقعن ۾ ملوث هئا، ائين ٿو لڳي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿيندي، ڇا ڪير ڪارڻ ٻڌائيندو ته ڊالر ۽ پيٽرول سئو سئو رپيا مهانگا ٿي رهيا آهن. عمران خان چيو ته اهڙيون انتقامي ڪارروائيون اڳ ڪڏهن نه ڏٺيون، ڄڻ ته هاڻ به جنرل باجوه جي پاليسي هلي رهي آهي، جڏهن قانون جي حڪمراني هوندي ته ملڪ اڳتي وڌندو، جنرل باجوه لابنگ ڪري حسين حقاني ۽ ٻين ماڻهن کي رکرايو، اهي ماڻهو آمريڪا ۾ منهنجي خلاف لابنگ ڪري رهيا هئا، مڃان ٿو ته باجوه کي نوڪري جي مدي ۾ واڌ ڏيڻ وڏي غلطي هئي. هن چيو ته حڪومت توشا خانه ۾ ڦاسي پئي آهي، عدالت توشا خانه جا تفصيل گهريا، جيڪي نه مليا، نوازشريف چاهي ٿو ته عمران خان نااهل ٿئي، جيل ڀريو تحريڪ پرامن احتجاج آهي، اسان وٽ ٻيو رستو احتجاج آهي. اڳوڻي وزيراعظم جو چوڻ هو ته اسان دهشتگردي کي برداشت نٿا ڪري سگهون، افغان طالبان پاڪستان مخالف ناهن. عمران خان چيو ته نئين آرمي چيف کي شڪ جو فائدو ڏيڻ چاهيان ٿو، آرمي چيف جو ڪو پيغام آيو ته ٻڌائيندس، جنرل باجوه هاڻ ٻاهر نڪرڻ جهڙو ناهي رهيو، اي پي سي ۾ وڃڻ جو سوچي رهيو آهيان، هن چيو ته موثر حڪمت عملي سان تحريڪ انصاف پنهنجي دور ۾ دهشتگردي تي ضابطو آندو، دهشتگردي جي تدارڪ لاءِ اي پي سي کان موثر عملي قدمن جي ضرورت آهي، تحريڪ انصاف ڪي پي ڪي ۾ پوليس کي بهتر ۽ فعال بڻايو، ڪي پي ڪي پوليس ماضي ۾ به اهي قربانيون ڏيندي رهي آهي، جڏهن 2013ع ۾ اسانجي حڪومت آئي ته تقريبن 700 پوليس اهلڪار شهيد ٿي چڪا هئا، آئون ٻيهر چوان ٿو ته پروپيگنڊا ذريعي ڪنهن ٻئي جي جنگ کي پنهنجي جنگ بڻايو ويو، 2018ع ۾ جڏهن اسانجي حڪومت آئي ته اسان افغان طالبان ۽ آمريڪا ۾ ڳالهين ۾ ڪردار ادا ڪيو، ڇاڪاڻ اسان سمجهو ٿا ته افغانستان ۾ امن هوندو ته ان جو پاڪستان کي به فائدو ٿيندو، 26 سال پهرين قانون جي بالادستي لاءِ سياست ۾ آيس، جيڪي ملڪ کي تباهي طرف وٺي ويا، اهي ٺيڪ ڪيئن ٿا ڪري سگهن،99ع وانگر 2018ع ۾ به نواز ليگ تباهه ٿيل معيشت ڇڏي وئي، اسان به آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ هئاسين پر ان باوجود پاڪستان ترقي ڪئي، ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جو قدر تيزي سان ڪرندي 90 رپين تائين گهٽ ٿي چڪو آهي،جنهن جو اثر هر شعبي تي پئجي رهيو آهي ۽ مهانگائي عوام لاءِ وڏو مسئلو بڻجي وئي آهي، اسان 16 ارب ڊالر جا ذخيرا ڇڏي ويا هئاسين، جيڪي اڄ 3 ارب ڊالر بچيا آهن، اسانجي دور ۾ ايس پي آءِ 16 سيڪڙو، اڄ تقريبن 40 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي، امپورٽڊ حڪومت جو ڪارنامو اهو آهي ته ان ڪرپشن جا پنهنجا سمورا ڪيس معاف ڪرايا، اسان چونڊن جي ذريعي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجون 2 صوبائي حڪومتون قربانيون ڪيون، هنن جي پوري ڪوشش آهي ته اليڪشن تڏهن ڪرائن، جڏهن هي سمجهن پي ٽي آءِ ختم ٿي وئي آهي، آئين جي آرٽيڪل 105 واضح ڪري ٿو ته اسيمبليون ٽٽي وڃن ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرائڻ لازمي آهن، جيڪا نگران حڪومت آندي وئي آهي، اها جانبدار ئي نه پر اسانجي سخت مخالف آهي، اسانجي ماڻهن تي ڪيس ۽ کين بنا جواز گرفتاريون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته مون تي حملي جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي کي غيرفعال بڻايو ويو آهي، ڪير آهي اهو طاقتور جنهن کي خوف هو ته جي آءِ ٽي جي جاچ ۾ ڪجهه سامهون نه اچي وڃي، جي آءِ ٽي جي هن وقت تائين جي جاچ ۾ سامهون اچي چڪو آهي ته حملو ڪندڙ 3 ڄڻا هئا. عمران خان چيو ته اسان ڏڦيڙ جي راهه تي هلڻ بدران آئين ۾ رهندي مزاحمت لاءِ جيل ڀريو تحريڪ جهڙو جمهوري طريقيڪار اختيار ڪنداسين، پنهنجي جماعت کي جيل ڀريو تحريڪ لاءِ تياري جي هدايت ڪري ڇڏيو آهي، سڄي ملڪ مان لکين ماڻهو رضاڪاراڻي طور تي گرفتاريون ڏيندا، ضلعي سطح تي رضاڪاراڻي طور تي گرفتاريون ڏيندڙن ڪارڪنن ۽ عوام جي رجسٽريشن جو عمل شروع ٿي ويو آهي، جلد تاريخ جو اعلان ڪندس.