لاهور (اسپورٽس نيوز) مقامي ٽي وي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر ۽ راولپنڊي ايڪسپريس جي نالي سان مشهور شعيب اختر چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ چيمپئنز ٽرافي کي وٺي بيڪ چينل ڳالهيون ٿينديون، اسان کي اميد نه هارڻ گهرجي، حل جو انتظار ڪرڻو پوندو، هن چيو ته اسان سڀ حقيقت ڄاڻون ٿا ته ڀارت مان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ۾ 95 کان 96 سيڪڙو اسپانسرشپ ايندي آهي، ان لاءِ ڀارتي بورڊ اکيون به ڏيکاريندو آهي، شعيب اختر چيو ته پاڪ ڀارت ٽيمن جي آمد واقعي حڪومتن جي هٿ ۾ آهي، ڪو بورڊ ڪجهه نٿو ڪري سگهي، پوءِ اهو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) هجي يا ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) هجي، اڳوڻي ڪرڪيٽر چيو ته اوهان تصور ڪريو ته ويرات ڪوهلي پاڪستان اچي کيڏي رهيو آهي ۽ اهو سينچري بڻائي رهيو آهي، پاڪستان ورلڊ ڪپ جهڙي وڏي ٽورنامينٽ جي ميزباني نٿو ڪري سگهي پر جيڪڏهن (چيمپئنز ٽرافي) ٿئي ٿي ته اهو وڏن ايونٽس جي لاءِ هڪ قدم هوندو، مون کي اڃا به لڳي ٿو ته ڀارتي ٽيم پاڪستان ايندي.