واشنگٽن(م ڊ) پي ٽي آءِ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي عدالت مان اغوا ڪيو ويو هو ۽ ان اغوا جو حڪم آرمي چيف ڏنو هو، حڪومت ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ چونڊن کان پريشان آهي ۽ کين ڊپ آهي ته هن وقت چونڊون ٿيون ته کين منهنجي پارٽي ڌوئي ڇڏيندي. ان ڪري هنن فيصلو ڪيو آهي ته هو ان وقت چونڊن جي اجازت ڏيندا جڏهن آئون يا جيل ۾ هجان يا وري قتل ڪيو وڃان. مون کي فوج اقتدار ۾ نه آندو هو پر منهنجي مخالفت به نه ڪئي هئي. پرڏيهي اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته مون تي ٻه قاتلاڻا حملا ڪيا ويا آهن ۽ منهنجي گرفتاري دوران منهنجي گهر تي ٻه ڀيرا ڪاهه ڪئي وئي. کائنس احتجاج ڪندڙن جي تشدد ۽ حملن بابت سوال ڪيو ويو ته هن هر قسم جي تشدد جي مذمت ڪندي چيو ته ملڪ ۾ هن وقت تاريخ ۾ سڀ کان گهٽ جمهوريت آهي اسان کي رڳو عدليا مان اميد آهي. هن چيو ته گرفتاري وقت مون ڏٺو ته اوچتو هي حملا ڪري رهيا آهن اهي ڪمانڊوز لڳي رهيا هئا،  مون سمجهيو ته منهنجي حفاظت لاءِ آيا آهن، ڇاڪاڻ ته عدالت جي جج حڪم ڏنو هو ته منهنجي حفاظت ڪئي وڃي، پوءِ احساس ٿيو ته هنن جو هدف آئون آهيان. مون کي سندن طريقي تي تمام افسوس ٿيو لڳو پئي هو ڪنهن دهشتگرد کي گرفتار ڪرڻ آيا هئا. هڪ ڀيرو مون کي اغوا ڪيو ويو ته پوءِ منهنجا رابطا ڪٽجي ويا ۽ مون کي ڪا خبر نه هئي ته پوئتي ڇا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته مون کي فوج اغوا ڪيو هو، ۽ آرمي چيف جي اجازت کانسواءِ ڪجهه ناهي ٿيندو. فوج ائين ئي ڪم ڪندي آهي. ان ڪري واضح هو ته هن (آرمي چيف) منهنجي اغوا جو حڪم ڏنو. کائنس سوال ڪيو ويو ته حڪومت ۽ فوج جو موقف آهي ته توهان جي حفاظت لاءِ ايترا خطرا هئا جو اها گرفتاري ئي اڪيلو رستو بچيو هو؟ عمران خان چيو ته اها بيوقوفاڻي ڳالهه آهي، پهرين منهنجي گهر تي 24 ڪلاڪ حملو ڪيو ويو. هو مون کي مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ اسلام آباد ۾ پيش ڪرڻ چاهين پيا، آئون به راضي ٿي ويو هئس، قانون آهي ته جيڪڏهن ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ لاءِ ڪو راضي هجي ته ان کي گرفتار نه ٿو ڪري سگهجي پر هنن مچلڪا وصول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ منهنجي گهر تي 24 ڪلاڪ چڙهائي ڪئي. ايتري شيلنگ ڪئي وئي جو اسان اندر ويهي به نه پيا سگهون. ماڻهن جا هڏا ڀڄي پيا، هنن وٽ هڪ منصوبو هو هو چونڊن کان پريشان آهن اسان جي پارٽي ۽ ٻين پارٽين جي مقبوليت ۾ ايترو گيپ آهي جو ڊنل آهن ته هو چونڊن ۾ ڌوپجي ويندا. ان ڪري هنن فيصلو ڪيو آهي ته هو رڳو ان صورت ۾ ئي چونڊون ڪرائڻ جي اجازت ڏيندا جو آئون جيل ۾ هجان يا وري مون کي قتل ڪيو وڃي. هن چيو ته منهنجي پارٽي جي اڪثر سينئر قيادت جيل ۾ هجي مون تي ٻه قاتلاڻا حملا ڪيا ويا آهن. اهو ئي هو ڪري رهيا آهن پي ٽي آءِ جي سموري قيادت گرفتار آهي. هن چيو ته مون تي ڪيسن جو انگ 150 ٿيڻ وارو آهي جنهن ۾ غداري، ڪرپشن ۽ توهين عدالت جا ڪيس آهن. هن چيو ته ڊگهي منصوبابندي ڪئي آهي آئون جيل وڃڻ لاءِ تيار آهيان، پر هنن جو مقصد آهي ته مون کي پڪڙين ان ڪري نه ته مون ڪو قانون ٽوڙيو آهي، پر هو چونڊن ۾ وڃڻ نه ٿا چاهين. هن چيو ته هي چونڊن جو سال آهي، آئون پارٽي اڳواڻن سان ملندس، اجلاس ڪندس آئون حڪمت عملي جوڙيندس، عوام ۾ ويندس، اربع جي ڏينهن کان عوام ۾ وڃي رهيو آهيان. اسان پنهنجي مهم جاري رکنداسين اميد آهي ته سپريم ڪورٽ ٽن هفتن اندر چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪندي. هن چيو ته آئون خدا جي ڪرشمي جي ڪري جيئرو آهيان سپريم ڪورٽ ۾ ٻين صوبن جي پوليس به آندي وئي هئي ته جيئن هن ڪيس ۾ آزاد ٿيان ته مون کي ٻين ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو وڃي. پر جج بيهي رهيا ان عمل فوجي اسٽيبلشمينٽ کي پريشان ڪري ڇڏيو. ججن فيصلو ڪيو ته هو مون کي هڪ ڀيرو وري جيل نه اماڻيندا ڇاڪاڻ ته سڀني کي خبر آهي ته مون تي ڪهڙي قسم جا ڪيس آهن ان جو نتيجو وڳوڙن جي صورت ۾ نڪري ها، ججن ان تي اسٽينڊ ورتو اسان پاڪستان ۾ نئين تاريخ لکجندي ڏسي رهيا آهيون. هن چيو ته آئون هميشه هر قسم جي تشدد جي مذمت ڪندو رهيو آهيان. هن چيو ته مون کي اقتدار ۾ فوج نه آندو هو منهنجي پارٽي ملڪ جي سڀ کان مقبول پارٽي هئي، اسان چونڊون کٽيون، پر فوج منهنجي مخالفت نه ڪئي اهو ئي فرق هو. هن چيو ته هي چونڊن جو سال  آهي ۽ شفاف ۽ آزاد چونڊون ڪرايون وڃن عوام کي حڪمران چونڊڻ جو حق ڏنو وڃي، پاڪستان مستحڪم ٿي ويندو. هن چيو ته 12 پارٽي اتحاد ۽ فوجي اسٽيبلشمنٽ پريشان آهي ته منهنجي پارٽي چونڊن ۾ مڪمل ڪاميابي حاصل ڪندي، اسان 36 ضمني چونڊون کٽي چڪا آهيون. هو ڊنل آهن ان ڪري چونڊون ملتوي  ڪري رهيا آهن. اسان رڳو صاف شفاف چونڊون چاهيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جيتري اڄ ڪمزور آهي ڪڏهن به ناهي رهي، بنيادي حقن جي لتاڙ ٿي رهي آهي، ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي اڳواڻ تي 150 ڪيس آهن سندس گهر تي چڙهائي ڪئي وئي آهي منهنجي گهر جو در ٽوڙيو ويو گهر تي ڪاهه ٿي گهر ۾ گهرواري اڪيلي هئي اسان جي اميدن جو مرڪز رڳو عدليا آهي.