مون سِين ھلي سا، جا جِيءُ مِٺو نه ڪري!

0
36
مون سِين ھلي سا، جا جِيءُ مِٺو نه ڪري!

 21 جون سال جو وڏي ۾ وڏو ڏينهن تتل ٻرندڙ سج سکر کان جنگشاهي ڏانھن سفر، استاد سان حب، محبت ۽ جوش سفر جي سختي کي مات ڏئي ڇڏي. سکر عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جو قافلو 21 جون صبح جو ستين وڳي جنگشاهي ڏانهن روانو ٿيو هو، سڀ ساٿي پنھنجي ھڙان ڀاڙا ڪرايا ڪري استاد سان نڀائڻ لاءِ روانا ٿياسين. پنڊال کان ٻاھران ئي نعرن جون گونجون جنگشاهي کي جرڪائي رھيون ھيون اندر داخل ٿيندي ئي ڏٺوسين ته ميدان مردن، عورتن ۽ ٻارڙن جي پرجوش نعرن سان گونجي رهيو هو.

                 واقعي اھو فڪر زنده نظر آيو جو استاد جي جرتمندانہ واٽ، سوچ، اعتماد ۽ ولولي سنڌي عورت جون راھون ھموار ڪري ڇڏيون. ھر ايندڙ قافلو استاد جي آخري آرامگاهه تي سرخ سلام پيش ڪري نھايت ضابطه طريقي سان ويندا ويا. پنڊال عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي بھادر ڪارڪنن سان ٽمٽار نظر آيو. مقرر استاد کي ڀيٽا پيش ڪندي ان جي ڏسيل واٽ ۽ نظريي تي ثابت قدميءَ سان ھلڻ جو وچن ورجايو. تقريب دوران جيڪي ٽيبلوز پيش ٿيا سي پنھنجو مٽ پاڻ ھئا.

جھان کي ڏيو مبارڪون

اسين پيا ڪاهيندا اچون

نون سرن ۾ زندگي جا

گيت ڳائيندا اچون.

سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس جي ڀينرن واقعي جوش، جذبي ۽ سورهيائي سان جِيءُ کي جرڪائي ڇڏيو اھڙو اعتماد مون اڳ ڪڏھن ڪو نه ڏٺو. اھا ڳالھ ثابت ڪري ٿي ته جن ڀينرن ٽيبلوز جي تياري انھن جو ان شيءِ سان عشق ھو ڇو ته اسين شين سان عشق رکي مقصد ماڻيون ٿا ٽيبلوز ذريعي ڏنل پيغام به ڌرتيءَ سان عشق جو پيغام ھو اھڙا ميسيج جيڪي صدين تائين زنده رھن جنھن جو ڪو انت نه ھجي آھي ئي تاريخ رقم ڪندا. پنڊال ۾ ويٺل ڪارڪن آخر تائين پرجوش نظر آيا ڪو به ٿڪل نظر نه آيو، ھر ماڻھو جي چھري تي نواڻ پئي نظري. رضاڪار به تمام گھڻا متحرڪ نظر آيا ھر هڪ ڪارڪن پنهنجي ڏنل ذميواري تمام سٺي طريقي سان سرانجام ڏني. ڪٿي به پروگرام آغاز کان پڄاڻي تائين ٽُٽندي نظر نه آيو، ھڪ تسلسل آخر تائين برقرار رکيو ويو!

ھڪ اھم ڳالهه ھِيءَ به ھئي جو ھن ھزارن جي اجتماع کي بامعنا ۽ ھڪ پر احتجاج بڻائڻ لاءِ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمين سرمائيدارن حوالي ڪرڻ خلاف ھڪ احتجاجي جلسي جو ڏيک ڏنو ويو! اسٽيج تان ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ پنجاب پاران پاڻيءَ تي ڌاڙي خلاف نعريبازي ٿيندي رھي ۽ اجرا ٺھراءُ به پاس ڪيا ويا! تقريب جي صدارت ڪندڙ عوامي تحريڪ جي صدر وسند ٿري جي تقرير سان قائد انقلاب محترم رسول بخش پليجو صاحب جي ستين ورسيءَ جي تقريب پنهنجي پڄاڻي تي پهچي.

اسين ڪي ئي يادگار لمحا پنهنجي ھينئڙي منجھ سانڍي واپس وياسين. ڪارڪنن جو پنھنجي محبوب اڳواڻ سان ست سال گذرڻ باوجود ايئن پئي محسوس ٿيو ڄڻ ھو اڄ به اسان سان گڏ ھجي!