لاهور (شوبز نيوز) ماڊل ۽ اداڪارا نازش جهانگير پاڻ بابت مبينا طور تي غلط ڄاڻ ڦهلائيندڙ ماڻهن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن هن بابت ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ بند نه ڪيون ويون ته هو سڀني خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي. نازش جهانگير انسٽاگرام اسٽوري شيئر ڪندي ان کي نوٽيس جو نالو ڏنو ۽ لکيو ته هوءَ هن پوسٽ ذريعي سڀني کي خبردار ڪرڻ چاهي ٿي. هن لکيو ته جيڪي سوشل ميڊيا پيجز، فرد ۽ ادارا هن بابت غلط معلومات ڦهلائي رهيا آهن، اهي 24 ڪلاڪن اندر پنهنجي سڀني پوسٽن کي ڊيليٽ ڪن ۽ معافي وٺن، ٻي صورت ۾ هو سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي. نازش جهانگير چتاءُ ڏنو ته جيڪي هن جي نوٽيس تي عمل نه ڪندا، انهن خلاف پريوينشن آف اليڪٽرانڪ ڪرائم ايڪٽ (پيڪا) تحت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ هوءَ سندن عزت کي ڇيهو رسائڻ جي دعويٰ به داخل ڪندي. پر هن پنهنجي پوسٽ ۾ واضح نه ڪيو ته هن بابت ڪير ۽ ڪهڙي قسم جي غلط معلومات ڦهلائي رهيو آهي.