مونکان ڇولا وٺو، مونکي گهر وڃڻو آهي….!

0
51
مونکان ڇولا وٺو، مونکي گهر وڃڻو آهي....!

 پاڻ هاڻي هڪ خوفناڪ سماج ۾ رهون ٿا. ڇاڪاڻ ته سالن کان جنهن معاشري ۾ ساهه کڻون پيا، اتان جا مسئلا، ڪنهن به صورت ختم ٿيڻ جو نالو نه پيا وٺن. بک، بيروزگاري، اڻ ڄاتل خوفَ ماڻهن جا لاهه ڪڍي، رت روئارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. زندگيءَ جو ان کان وڌيڪ ڪهڙو الميو هجي جو ماڻهوءَ کي کائڻ لاءِ ماني نه هجي! نتيجو خوف ۽ بس خوف… هر شخص ٻئي کان ڊنل. ڪهڙي خبر ٻئي پل ڇا ٿي وڃي! اهڙو ڊپ جنهن ۾ سچ به ڪوڙ کان ڊڄي ويندو آهي. هر طرف ڪوڙ ۽ ڪوڙ… نقلي دعوائون، نقلي دوائون… ٻٽاڪون… ڪوڙيون خبرون، اهڙا حوال جو ٻڌي مٿو چڪرائجي وڃي ٿو.

                 زندگي، مڪمل طور بالي ووڊ جي مووي ’مسڻ‘ جو اسڪرپٽ ٿي وئي آهي. جنهن کي ڏسي دل جا درد وڌيو وڃن. بس ڪجهه گهڙيون خاموشي… نتيجو، ضبط ۽ حوصلو هٿن مان ڇڏائيندي محسوس ٿئي… ’مسڻ‘ محبتن، تڪليفن، ڏکن، اهنجن جي انيڪ داستان  جي ڪهاڻي آهي. اهڙا درد جن جي پڄاڻي ناهي ٿيندي. پوءِ معاملا ’تڏو پرائو، سور پنهنجا‘ جي مصداق ٿيو پون. ڪو هڪ شعبو کڻي، ان جي ڪارڪردگي جاچجي ته پتو پوندو… پاڻ زندگيءَ جي ان شعبي ۾ اڳتي نه پر پوئتي ڌڪجي ويا آهيون. هڪ هجوم آهي، جنهن جي نه ڪا منزل نه ڪو مقصد. سچ ته اهڙي چوريءَ جو شڪار، جنهن جا پير کُر ناهن ملندا! پاڻ وائڙن وانگر اوندهه ۾ هٿوراڙيون هڻندا پيا وتون! پوءِ اهڙي سماج ۾ اهڙيون ڪهاڻيون جنم وٺن ٿيون، جيڪي اندر تائين گهاءُ ڪري ڇڏين…!

ڪنهن مسڪين، غريب، بکيي جي لاش جي ڳچيءَ ۾ ٽنبيل ڏاٽو هجي يا ڪنهن مسڪين جو ٽن ڏينهن تائين اس ۾ پيل مرده جسم، جنهن جون اکيون. انصاف جي آسري تي کليل هجن. ڪنهن معصوم سان ريپ پوءِ منهن ۾ سروٽا هڻي چهرو بگاڙي ڇڏڻ يا پٽ جو پيءُ کي قتل ڪري ڇڏڻ، زال جو مڙس کي خون ڪرڻ، مڙس جو زال کي ڪهي ڇڏڻ، ماءُ پنهنجن ٻچن کي زهر ڏئي، آخر ۾ پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏي……. ڏسو غور سان ڏسو. اڄ جي اخبارن جو مطالعو ڪيو توهان کي اهڙيون ئي خبرون پڙهڻ لاءِ ملنديون!

اسان جي آس پاس ۾ موت زندگيءَ جي مٿان حاوي ٿيندو پيو وڃي، رڳو جسماني طور نه پر اهڙو موت جنهن ۾ ماڻهو جيئرو ته هوندو آهي، پر رڳو ساهه کڻڻ لاءِ… ۽ جڏهن ماڻهو ساهه کڻڻ لاءِ جيئرو هجي ته الميي جا انيڪ قصا ڪرُ کڻندا آهن. جيئن: ڪجهه مهينا اڳ جي ئي ته ڳالهه آهي ته عثمان سبزي وارو پنهنجي هوڪي سان گڏ ڪٿي گم ٿي ويو. ڪالهه هو ڌرتيءَ جي مٿان سبزي وڪرو ڪري گذران ڪندو هو، اڄ ڌرتيءَ هيٺيان مڻين مٽيءَ ۾ دفن آهي. مان اڪثر هن جي هوڪي تي غور ڪندو هئس. هر ڀيري سبزي کپائڻ جو اهو هوڪو ’هل من ناصر ينصرنا‘ جيان لڳندو هو. ڪجهه ڏينهن گهٽيءَ ۾ نه اچڻ جي ڪري جڏهن هن جي پڇا ڪيم ته خبر پئي: ان صبح تي هو، پنهنجي گهر ۾ بيمار نياڻيءَ کي ڇڏي ريڙهي تي سبزي رکي ان آس تي شهر جي گهٽين ۾ پهتو هو ته ڪجهه ڏوڪڙ ملن، ڪجهه سبزي وڪامجي ته هو تڪڙو گهر پهچي نياڻيءَ جو علاج ڪرائي. ان ڏهاڙي هن جو هر هوڪو ڄڻ آخري صدا هئي، هڪ خواهش ته جنهن گهٽِيءَ ۾ هوڪو ڏئي، ماڻهو گهرن مان نڪري هن جي ريڙهي تي پيل سبزي، جنهن ۾ پٽاٽا، بصر، ٽماٽا، ٿوم وغيره. پيل هئا، سڀ جو سڀ خريد ڪري وٺن. حالانڪه هو گذريل ڪيترن سالن کان شهر جي سوڙهين ڳلين ۾ مختلف وکر کپائيندو رهيو هو… پر اڄ هن کي ڏاڍي تڪڙ هئي.

عثمان سبزيءَ وارو جنهن کي سڄو شهر  فقط ’سبزيءَ وارو‘ سڏيندو هو. هڪ ڀيرو ٻيهر نڙيءَ جو پورو زور لڳائي هوڪو ڏنو… هوڪي پوري ٿيڻ کان اڳ ان جي نڙگهٽ مان عجيب آواز نڪتو، هن پنهنجي کاٻي ڪلهي کي زور سان ڀڪوڙيو ۽ بي حال ٿي پنهنجي ريڙهي جي مٿان ڪري پيو. ريڙهو غير متوازن ٿي اڳتي ٿڙيو ته عثمانَ جو منهن روڊ سان ٽڪر کائي بال جيان ٿورو مٿي ٿيو ۽ پوءِ هو روڊ تي بي جان ٿي سڌو سمهي پيو. هن جون اکيون کليل هيون، ناسن مان وهندڙ رت جا بوڻينڊا حياتيءَ نه پر موت جو پيغام هئا. پاڙيوارن هن جي جسم مٿان ڪپڙو وجهي، جنهن ريڙهي تي سبزي کپائي رهيو هو، ان تي سمهاري لاش گهر پهچايو. توهان ڄاڻو ته سنڌ واسين جا لاشا، هاڻي ڪنهن به ايمبولينس ۾ نه پر رڪشائن، چنگچين، ٽريڪٽر ٽرالين، مال ڍوئيندڙ ڇڪڙن ۽ ريڙهن تي کنيا ويندا آهن. زندھ ته هو بي وُقت ئي رهيا، موتَ به هنن کي مان نه بخشيو! اهڙي ريت عثمان جي لاش کي ان ئي ريڙهي تي کڻي گهر پهچايو ويو! ان ۾ هاڻي ڪٿي به ڪا حيرت جي ڳالهه نه رهي آهي! حيرتون پاڻ وٽ ڪڏهن ڪو موڪلائي ويون!

ان ڏينهن جي شام ڌاري عثمان جي جنازي کڻڻ مهل هن جي ننڍڙيءَ جي مرڻ جي خبر به پئي. عثمان ته پنهنجي آخري هوڪي سان خدا جي بارگاهه ۾ پهتو، هن جي معصوم نياڻي به جنهن کي راڻي سڏيندو هو رب کي پرتي، بس هاڻي پويان ستن سالن جو پٽ ۽ زال…! عثمان سبزيءَ جي درد کي اڃا محسوس ئي ڪري رهيو هئس ته سامهون احمد عليءَ جو گهر نظر آيو، جتي سندس ٽي معصوم نياڻون در کي ٽيڪ ڏئي روڊ ڏانهن نهاري رهيون هيون. احمد علي جوان جماڻ هو، ضلعي جي ڪنهن آفيس ۾ پٽيوالو، هميشہ نياز نوڙت رکندڙ، ڪڏهن به هن جي نرڙ تي گهنج نظر نه آيا. سو پنهنجون سڀ  تمنائون ۽ آرزو کڻي هڪ سال اڳ بنا موڪلائي اڻ ڏٺي منزل ڏانهن روانو ٿيو.

هن جا مائٽ جن ۾ مان پاڻ به شامل آهيان، ٻڌائن ٿا ته: مرتيي جي اڳئين ڏينهن تي هن جي شاديءَ جي سالگره هئي، ان شام تي هن کي بازار مان سالگره جو ڪيڪ ۽ ٻيو سامان وٺڻو هو پر صبح تي هن جو ڪفن ۽ ڪافور خريد ڪيو ويو! جوانيءَ ۾ احمد عليءَ  جي وداع روح کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو آهي. هن جي معصوم پٽ ڪامران ۽ ان جي ڀينرن تي نظر پوندي جيءُ جهري پوي ٿو، جيڪي اڄ به هڪ ورهيه گذرڻ باوجود روز شام جو در تي بيهي پنهنجي بابا جي راهه تڪن ٿا، سج لهڻ کان پوءِ پنهنجي امڙ کي افسرده لهجي ۾ چون ٿا: “امان! ڇو ڀلا بابا اڄ به نه آيو!؟ احمد علي، طبعي موت نه مئو هو. هو قتل ٿيو هو وقت ۽ حالتن جي هٿان. توهان ڄاڻو ٿا ته اسان وٽ ڪي ورلي ماڻهو طبعي موت مرندا آهن، باقي ته قتل ٿيندا آهن؛ ڪڏهن بک ته ڪڏهن ڏک جي هٿان… هيءَ درد به هن ڳالهه سان سلهاڙي پڙهيو وڃي ته جڏهن ڪنهن معصوم ٻار کي اسڪول جي بجاءِ پنهنجي معصوم ڪلهن تي ڇولن جو ٿالهه کڻي کپائيندي ڏسجي ته احساس واري انسان جي مٿان ڇا گذرندو هوندو؟ ساڳي اسڪول ۾ ڪجهه ٻار پڙهن پيا، ڪجهه ڇولا، گجرون کپائن پيا. اها آهي اسان جي سماج جي حقيقي تصوير.

سچ ته ڪجهه ڏينهن اڳ به ان ٻار جي هوڪن ۽ صدائن ننڊ حرام ڪري ڇڏي، جيڪو هوڪن سان گڏ اهو به چئي رهيو هو: ”مونکان ڇولا وٺو… مونکي گهر وڃڻو آهي…“ ڪيڏو نه درد هو ان جي آواز ۾ هو بار بار اهي لفظ ورجائي رهيو هو: مونکي گهر وڃڻو آهي… سمجهي سگهان پيو ته هن جي جيجل ماءُ سندس راهه تڪيندي هوندي. اهڙا منظر ڏسي من ۾ ماتام مچي وڃي ٿو. سچ ته اسان خوشحال سنڌ جا مسڪين ماڻهو آهيون. هڪ ڳالهه جيڪا شدت سان محسوس ٿئي ٿي ته اهي رويا صرف سرڪار جا ناهن. الائي ڇو عام ماڻهن جا رويا به سخت ۽ بي حس ٿيندا پيا وڃن؟ جڏهن به ڪنهن معصوم پورهيت کي ڪو دڙڪا ڏيندو آهي ته پاڻ کي مرندي ڀائيندو آهيان؛ پر ڇا ٿو ڪري سگهجي، جڏهن هر پاسي ظالم ڪردار پکڙيل هجن. انهن شين تي غور ڪري ڪڏهن ٿڪجي پوندو آهيان. دماغ مائوف ٿي ويندو آهي. سوچيندو آهيان ته هن سماج جو تبديل ٿيڻ ڪيڏو نہ ڏکيو بڻجندو وڃي.