لاهور(م ڊ) مسلم ليگ(ق) جي اڳواڻ مونس الاهي جو گم ٿي ويل ويجهو دوست احمد فاران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي ويو. سي سي پي او لاهور مونس الاهي جي ويجهي دوست احمد فاران کي عدالت ۾ پيش ڪيو. احمد فاران جي بازيابي تي جسٽس عاليه نيلم درخواست اڪلائي ڇڏي. ان موقعي تي احمد فاران چيو ته مان رات دير سان گهر پهچي ويو هئس. صحافي طرفان احمد فاران کان سوال ڪيو ويو ته اوهان جي مٿي تي زخم جو نشان ڪيئن ٿيو؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته هينئر اچڻ وقت گاڏي جو دروازو لڳو آهي جنهن سبب زخم ٿيو آهي.