پشاور (م ڊ) جي يو آءِ ف جي جنرل ڪائونسل اتفاق راءِ سان مولانا فضل الرحمان کي ايندڙ 5 سالن لاءِ مرڪزي امير ۽ مولانا عبدالغفور حيدري کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو آهي، ترجمان جي يو آءِ موجب جميعت علماءَ اسلام جي مرڪزي جنرل ڪائونسل جو اجلاس ڇنڇر ۽ آچر تي پشاور ۾ فضل الرحمان جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سڄي ملڪ مان جنرل ڪائونسل جي ميمبرن شرڪت ڪئي ۽ متفقه طور مولانا فضل الرحمان کي هڪ ڀيرو ٻيهر پنج سالن لاءِ مرڪزي امير ۽ عبدالغفور حيدري کي جنرل سيڪريٽري چونڊيو. اجلاس ۾ موجوده سياسي صورتحال ۽ عام چونڊن سوڌو فلسطين صورتحال تي به غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾ چونڊن جي حوالي سان تياريون تيز ڪرڻ جي هدايت به ڪئي وئي.