مولانا فضل الرحمان جي قافلي تي “حملو”

0
49
پوليس تي حملا ۽ وزير باتدبير جو موقف
تاريخي، تهذيبي ماڳن ۽ قديم آثارن ڏانهن لاپرواهيءَ وارو رويو

توڙي جو تحفظ ۽ سلامتيءَ لاءِ ذميوار ادارا ڪئين ڏهاڪن کان دهشتگرديءَ خلاف ويڙهاند ۾ رڌل آهن پر ان جي باوجود مچائي مواڙ ڪيل دهشتگرديءَ جو راڪاس گرفت ۾ نه پيو اچي. شايد ئي ڪو ڏينهن هجي، جو سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي چيڪ پوسٽن ۽ انهن جي گاڏين تي حملا نه ٿيندا هجن. ان کانسواءِ سياسي اڳواڻن لاءِ به “ٿريٽ الرٽ” جاري ٿيندا رهن ٿا، جن ۾ خيبر پختونخوا مان مولانا فضل الرحمان ۽ اي ايم پي اڳواڻ به شامل آهن. تازو ڊيره اسماعيل خان ۾ مولانا فضل الرحمان جي قافلي تي مبينا حملي جي خبر سامهون آئي آهي، جنهن تي ڊي آءِ خان يارڪ انٽرچينج وٽ حملو ٿيو. مولانا فضل الرحمان سندس پٽ مولانا اسجد جي وليمي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو. جمعيت علماءِ اسلام جي مرڪزي ترجمان اسلم غوري موجب: قافلي تي ٻن طرفن کان فائرنگ ڪئي وئي پر مولانا فضل الرحمان محفوظ رهيو. پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگردن يارڪ انٽرچينج پوليس چوڪيءَ تي حملو ڪيو هو ۽ پوليس جي جوابي ڪارروائي بعد فرار ٿي ويا.

اهو ماضيءَ جي غلط رياستي پاليسين جو نتيجو آهي، جو دهشتگرديءَ مان اسان جي جان ڇٽي نه سگهي آهي. توڙي جو دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ آپريشن به ٿيندا رهيا آهن، حڪومت طرفان نيشنل ايڪشن پلان پڻ جوڙيو ويو هو، پر ان پلان تي به مڪمل طرح عمل نه ٿيڻ جي ڪري گهربل نتيجا نه ملي سگهيا آهن. هن وقت اسان جو ملڪ دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه جو ميدان بڻيل آهي. ڪڏهن پاڙيسري ملڪ جي سرحد تان دهشتگرد حملو ٿا ڪن ته ڪڏهن وري پي ٽي آءِ حڪومت دوران “راشه راشه” چئي گهرايل ويڙهاڪ، جن جبل وڃي وسايا هئا، اهي پڻ سردين ۾ انهن جبلن تان لهي ڪارروايون ڪرڻ ۾ مصروف آهن. کين مقامي سهولت ڪارن جي سهائتا پڻ حاصل آهي اهي دهشتگرد حملن ۾ آمريڪي هٿيار استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪي هٿيار آمريڪا افغانستان ڇڏڻ وقت اتي ڇڏي ويو هو، جڏهن ته آمريڪا ان ڳالهه جي ترديد ڪندو رهيو آهي ته ان پويان ڪي به هٿيار نه ڇڏيا هئا پر ملڪ جي سيڪيورٽي فورسز جي گاڏين ۽ چيڪ پوسٽن تي حملا ڪندڙن يا مقابلي ۾ مارجي ويندڙن دهشتگردن وٽان هٿ ايندڙ آمريڪي هٿيار آمريڪي ترديد جي تصديق نٿا ڪن. هاڻي جيئن ته ملڪ جون عام چونڊون صرف سوا مهيني جي وٿي تي آهن پر انتظاميا دهشتگرديءَ کي روڪڻ ۾ سوڀاري نه ٿي سگهي آهي. چونڊ مهم دوران پڻ دهشتگرديءَ جا ڪيترائي خدشا ۽ خطرا موجود آهن پر ان جو مطلب اهو ڪونهي ته دهشتگرديءَ جي خدشن جي ڪري اليڪشن ئي نه ڪرائجي. پُر امن اليڪشن لاءِ اهو ضروري آهي ته سموريون توانايون استعمال ڪري دهشتگرديءَ کي روڪيو وڃي. دراصل حڪمرانن ڪئين ڏهاڪن کان وٺي هيستائين دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ جيڪي اپاءُ ورتا آهن، انهن جي صورت “ڪنڊو لڳو پير ۾، کوٽجي پيو گوڏو” کان ڪنهن به ريت مختلف نه آهي. اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته جيستائين ملڪ مان دهشتگردن جون نرسريون ختم نه ٿينديون، تيستائين دهشتگردي جي خاتمي جو امڪان نه آهي. ٻي ڳالهه اها ته دهشتگردن کي ختم ڪرڻ سان گڏ ان سوچ کي به ختم ڪرڻو پوندو، جيڪا دهشتگردي جو سبب بڻجي رهي آهي. ان سوچ خلاف به “آپريشن” جي ضرورت  آهي، پر هتي ايئن نه پيو ٿئي. اهي ئي نرسريون موجود آهن ۽ اها ئي سوچ وڌي ويجهي رهي آهي.

هڪ طرف دهشتگردي جا خدشا ۽ خطرا آهن ته ٻئي طرف اها پڻ حقيقت آهي ته ڪجهه ڌريون اليڪشن کان فرار حاصل ڪرڻ چاهين ٿيون، جن جا اگر مگر وارا بيان ايندا رهيا آهن، جن ۾ مولانا فضل الرحمان جا بيان پڻ رڪارڊ جو حصو آهن. يارڪ انٽرچينج پوليس چوڪي تي حملو ڀلي سڌيءَ ريت مولانا فضل الرحمان جي قافلي تي حملو نه به هجي پر ان مان اها ڳالهه پڌري ٿي سامهون اچي ٿي ته حالتون انتظاميا جي مڪمل گرفت ۾ نه آهن. سياستدانن کي ٿريٽ الرٽ ته جاري ڪيا وڃن ٿا پر حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ جيڪي اپاءُ ورتا پيا وڃن، انهن کي ڪنهن به ريت اطمينان جوڳو نٿو چئي سگهجي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته دهشتگردي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت قدم کنيا وڃن. نيشنل ايڪشن پلان تي سختي سان عمل ڪيو وڃي، ته جيئن چونڊون پُر امن ماحول ۾ ٿي سگهن.