حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ سجاڳي فورم پاران حيدرآباد تعلقي ٻھراڙي جي ڳوٺ واڻڪي وسي ۾ سنڌ جي برک عالم، سنڌ ساگر پارٽي جي چيئرمين مولانا عزيز الله ٻوهيي جي شخصيت  ۽ جدوجھد جي حوالي سان تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو. ميڙاڪي ۾ سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ايڊووڪيٽ محب آزاد، سنڌ سجاڳي فورم حيدرآباد ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري عابد لغاري، پير نوناري، اعزاز لغاري، مدثر مھدي، ڊيموڪريٽڪ لائير فورم جي ڪنوينر ستار سرڪي، حڪيم چانڊيو، پورھيت مزاحمت جي اڳواڻ نثار لغاري ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو ته مولانا عزيزالله ٻوهيو سنڌ جو برک ۽ سيڪيولر عالم ھو جنھن قرآن جي سيڪيولر تعليم جي پکيڙ ڪئي ۽ انسان ذات سان محبت جو درس بغير ڪنھن مذھب ۽ فرقي جي تفريق جي ڏنو. عزيز الله ٻوھيو، مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ سائين جي ايم سيد جي شخصيت ۽ انھن جي فڪرن کان تمام گهڻو متاثر ھو. ھن اسلام جي تشريح عقل جي بنيادن تي ڪئي ۽ سلام ۽ قرآن جي حقيقي معنيٰ پيش ڪري ماڻهن کي محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏنو ۽ هن ھميشه سنڌ ڌرتي جي بقاءَ ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجھد ڪئي. قومي حقن جي پرچار ڪرڻ سان گڏ سوشل ۽ سيڪيولر سماج اڏڻ لاءِ ھميشه علمي ۽ ادبي ميدان ۾ تحقيق ڪري ڪتابن جا مجموعا لکيا.