پشاور (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ س) جي سربراهه ۽ دارالعلوم حقانيه جي نائب مهتمم مولانا حامد الحق حقاني تي حملو ڪندڙ گروپ جي نشاندهي ٿي وئي.
اعليٰ سرڪاري ذريعن موجب، مولانا حامد الحق تي حملن جي جاچ رپورٽ وزيراعظم شهباز شريف ڏانهن موڪلي وئي آهي. رپورٽ موجب، ٻن دشمن ملڪن جي انٽيليجنس ايجنسين جي مدد سان هڪ عالمي دهشتگرد تنظيم مولانا حامد الحق کي نشانو بڻايو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته خودڪش حملي ۾ ملوث دهشتگرد جي قوميت جي سڃاڻپ به ٿي وئي آهي، جيڪو پرڏيهي هو ۽ مدرسي ۾ ٻاهران داخل ٿيو هو. آءِ جي ڪي پي ڪي ذوالفقار حميد نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مولانا حامد الحق شهيد ڪيس جي جاچ تيزي سان جاري آهي ۽ حملو ڪندڙ گروپ تائين پهچي ويا آهيون. ياد رهي ته 28 فيبروري 2025ع تي نوشهرا جي دارالعلوم حقانيه اڪوڙه خٽڪ جي جامع مسجد ۾جمعي نماز کانپوءِ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي ۾ مولانا حامد الحق حقاني سميت 8 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا.