اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اجلاس ۾ اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرن وچ  ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ، ايوان ۾ گوڙ، اپوزيشن جو واڪ آئوٽ، حڪومت ڪورم پورو ڪرڻ ۾ به ناڪام، تفصيل موجب سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اپوزيشن ليڊر شهزاد وسيم چيو ته بچاءَ جي وفاقي وزير خواجا آصف هڪ ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي ۾ غير مناسب زبان استعمال ڪئي آهي ان مذهب ڪارڊ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن وقت سياست جو محور عمران خان آهي، اهو ميدان ۾ اڪيلو بيٺل آهي، 12 پارٽيون اقتدار جي ڇٽيءَ هيٺ لڪي رهيون آهن، حڪمران اتحاد سياسي ميدان ۾ عمران خان جو مقابلو ڪري، مذهب ڪارڊ نه کيڏيو وڃي، عمران خان جي جان کي خطرا لاحق آهن، عمران خان جي ڪڏهن هيليڪاپٽر ته ڪڏهن جهاز ۾ ٽيڪنيڪل خرابي پيدا ڪئي وڃي ٿي، پيپلزپارٽي جي سليم مانڊوي والا چيو ته پي ٽي آءِ وارا روزانو ساڳي ڪهاڻي هتي اچي ورجائن ٿا، سمورا غلط ڪم عمران خان پنهنجي دور ۾ شروع ڪيا، جڏهن عمران وزيراعظم هو تڏهن به جان کي خطرو هو، هاڻي به چوي ٿو جان کي خطرو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي محسن عزيز چيو ته پشاور موڙ کان نيو اسلام آباد ايئرپورٽ تائين ميٽرو منصوبو ٺاهيو ويو، جنهن ۾ ماڻهن جي دلچسپي ناهي، سبسڊي ڏئي عوام جو پيسو ضايع ڪيو پيو وڃي، اتي ڪتن ۽ ٻلين کانسواءِ ڪوئي نه ٿو وڃي، جنهن تي مولا بخش چانڊيو چيو ته پوءِ اوهان اتي ڇا ڪرڻ ويا هئا، محسن عزيز چيو ته مان اتي توهان جي منهن تي ڪارنهن ملڻ ويو هئس، مولا بخش چانڊيو جواب ڏيندي چيو ته فل سوٽ پائڻ سان تهذيب نه اچي ويندي آهي، هن ملڪ جي سياست ۾ سڀ کان پهريان مذهب ڪارڊ عمران خان کيڏيو، محسن عزيز ۽ مولا بخش چانڊيو ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، مولا بخش چانڊيو جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جو مطلب بدزبان آهي،  ان دوران پي ٽي آءِ جي زرقا سهروردي مولا بخش چانڊيو جي تقرير دوران رڪاوٽ بڻجڻ جي ڪوشش ڪئي ته مولا بخش چانڊيو کيس چيو ته توهان عورت آهيو مان توهان کي جواب نه ٿو ڏيڻ چاهيان منهنجي ليڊر به عورت هئي، اسان سنڌين وٽ عورت جو احترام آهي، پر ان باوجود مسلسل زرقا سهروردي ڳالهائيندي رهي ته مولا بخش چانڊيو چيو ته هي ڪنهن به حوالي سان عورت نه ٿي لڳي، جنهن تي پي ٽي آءِ جي ميمبرن سخت گوڙ ڪيو ۽ احتجاجن واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا، جنهن کان پوءِ سيف الله ابڙو ڪورم جي نشاندهي ڪئي، ڪورم پورو نه هجڻ ڪري اجلاس ملتوي ڪيو ويو.