مولابخش، قرت مري، ڪرشنا ڪماري، صادق سنجراڻي ۽ ڊار سوڌو 52 سينيٽر 11 مارچ تي رٽائر ٿيندا

0
72
مولابخش، قرت مري، ڪرشنا ڪماري، صادق سنجراڻي ۽ ڊار سوڌو 52 سينيٽر 11 مارچ تي رٽائر ٿيندا
مولابخش، قرت مري، ڪرشنا ڪماري، صادق سنجراڻي ۽ ڊار سوڌو 52 سينيٽر 11 مارچ تي رٽائر ٿيندا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي 100 ميمبرن مان 11 مارچ 2024ع تي 52 سينيٽر رٽائرڊ ٿيندا، جن ۾ سينيٽ چيئرمين، ڊپٽي سينيٽ چيئرمين ۽ اپوزيشن ليڊر به شامل آهن. جڏهن ته  11 مارچ 2024ع کانپوءِ سينيٽ ۾ فاٽا جي نمائندگي ختم ٿي ويندي ۽ سينيٽ جي ايوان ۾ ميمبرن جو مجموعي تعداد وڌيڪ گهٽ ٿي 96 ٿي ويندو

تفصيل موجب 11 مارچ 2024ع تي بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا صوبي جا يارنهن يارنهن جڏهن ته پنجاب ۽ سنڌ جا ٻارنهن ٻارنهن ۽ اسلام آباد مان 2 ميمبر رٽائر ٿيندا، فاٽا جي ڪي پي ڪي ۾ ضم ٿي وڃڻ کان پوءِ باقي رهجي رهجي ويا فاٽا جا 4 سينيٽر به رٽائر ٿي ويندا، جنهن کان پوءِ سينيٽ مان فاٽا جي نمائندگي ختم ٿي ويندي، سينيٽ ۾ مجموعي ميمبرن جو تعداد 96 ٿي ويندو،  بلوچستان مان رٽائر ٿيندڙ 11 ميمبرن ۾ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، عابده عظيم، احمد خان، ڪهدا بابر، مولوي فيض محمد، محمد اڪرم، طاهر بزنجو، نصيب الله بازئي، ثنا جمالي ۽ شفيق ترين شامل آهن

جڏهن ته نگران وزيراعظم ٿيڻ کان پوءِ انوار الحق ڪاڪڙ جي سيٽ تي چونڊ ٿيندي، 11 مارچ 2024ع تي خيبر پختونخوا صوبي مان رٽائر ٿيندڙ ميمبرن ۾ بهرامند تنگي، دلاور خان، فيصل جاويد، فدا محمد، اعظم سواتي، طلحه محمود، مشتاق احمد، مهر تاج، روبينا خالد، شوڪت ترين، صابر شاهه شامل آهن، جڏهن ته پنجاب مان رٽائرڊ ٿيندڙ 12 ميمبرن ۾ اپوزيشن ليڊر شهزاد وسيم، آصف ڪرماني، حافظ عبدالڪريم، ڪامران مائيڪل، اسحاق ڊار، مصدق ملڪ، نزهت صادق، رانا محمود الحسن، رانا مقبول، سيمي ايزدي، خالد شاهين بٽ، وليد اقبال شامل آهن

سنڌ صوبي مان رٽائرڊ ٿيندڙ 12 ميمبرن ۾ انور لعل ڊين ، فروغ نسيم، رخسانه زبيري، امام الدين شوقين، ڪرشنا ڪماري، خالده سڪندر منڌرو، ميان رضا رباني، مولا بخش چانڊيو، قرت العين مري، محمد علي شاهه، مظفر علي شاهه، وقار مهدي شامل آهن، اسلام آباد مان رٽائرڊ ٿيندڙ ٻن ميمبرن ۾ مشاهد حسين سيد ۽ اسد جوڻيجو شامل آهن، جڏهن ته فاٽا مان رٽائرڊ ٿيندڙ 4  ميمبرن ۾ هدايت الله، هلال الرحمان، ڊپٽي چيئرمين مرزا آفريدي ۽ شميم آفريدي شامل آهن