سڊني (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان آسٽريليا هٿان ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شڪست کي هاڪاري قرار ڏئي ڇڏيو. رضوان ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ضرور هارائي آهي پر شين کي هاڪاري رخ سان ڏٺو وڃي ته بالرن زبردست بالنگ ڪئي. هن چيو ته اسان ڄاڻو ٿا ته آسٽريليا ڪمزور ٽيم نه آهي پر اڄوڪي ميچ ۾ اسان آسٽريليا کي ڪيئي موقعا ڏنا جنهن سبب ميچ هٿن مان نڪري وئي.