ممبئي (شوبز نيوز) عالمي شهرت يافته ڀارتي موسيقار اي آر رحمان پنهنجي شاندار موسيقي سان دنيا کي متاثر ڪيو، هن 23 سالن جي عمر ۾ اسلام قبول ڪيو، 2000 ۾ ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ هن اسلام طرف راغب ٿيڻ جي سببن تي روشني وڌي، اي آر رحمان انٽرويو ۾ ٻڌايو ته هن روحاني سڪون جي تلاش ۾ اسلام قبول ڪيو، سندس والد جي ڪينسر جي علاج ۾ هڪ صوفي بزرگ اهم ڪردار ادا ڪيو هيو ۽ انهي جي اثرن رحمان کي اسلام طرف مائل ڪيو، 1980ع ۾ هن باقاعده طور اسلام قبولي ورتو، جنهن بعد کيس بي حد اطمينان حاصل ٿيو، اسلام قبول ڪرڻ بعد به اي آر رحمان هڪ اهڙي گهر ۾ رهيو، جتي مختلف عقيدن جو رواج هيو، سندس والده هندو مذهب تي هلي رهي هئي، جڏهن ته گهر ۾ ٻين مذهبن جا ڪتاب ۽ تصويرون به موجود هيون، اي آر رحمان جو اصل نالو دليپ ڪمار راجگوپالا آهي، جيڪو 6 جنوري 1967ع تي مدراس (چنئي) ۾ پيدا ٿيو، سندس والد آر ڪي شيکر تامل ۽ مليالم فلمن جو موسيقار ۽ ڪنڊيڪٽر هيو، پنهنجي نالي جي تبديلي جي باري ۾ هن ٻڌايو ته کيس پنهنجو پيدائشي نالو پسند نه هيو ۽ سندس والده خواب ۾ “الله رکا” نالو ڏٺو هيو، رحمان جي خاندان “رحمان” جو مشورو ڏنو ۽ ايئن سندس نئون نالو مڪمل ٿيو.