سنڌ، جيڪو قدرتي وسيلن، دريائن، ساحلي پٽن، زرخيز زمينن ۽ زرعي خوشحالي جو مرڪز رهيو آهي، هاڻ موسمي تبديليءَ جي تباهين جو سڀ کان وڏو شڪار بڻجي چڪو آهي. عالمي ماحولياتي رپورٽن موجب، پاڪستان دنيا جي انهن ڏهن ملڪن ۾ شامل آهي، جيڪي سڀ کان وڌيڪ موسمي تبديليءَ جي خطري هيٺ آهن، ۽ سنڌ سڀ کان اڳيان بيٺل آهي.
2010ع جي تاريخي ٻوڏ سنڌ لاءِ موسمي تبديليءَ جو پهريون ڌڪ ثابت ٿيو. لڳ ڀڳ 70 لک ماڻهو متاثر ٿيا، 7 لک کان وڌيڪ گهر تباهه ٿيا، ۽ ڪراچي کان ڪشمور تائين زرعي معيشت جو ڍانچو لڏي ويو. متاثرن جي بحاليءَ لاءِ 9 ارب ڊالرن کان وڌيڪ فنڊز عالمي ادارن ۽ ملڪن طرفان ڏنا ويا، پر انهن جو استعمال شفاف نه رهيو. 2022ع جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب رڳو سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 750 ماڻهو فوت ٿيا، 13 لک گهر متاثر ٿيا ۽ 50 لک ماڻهو بي گهر ٿي ويا. FAO (Food and Agriculture Organization of the United Nations) جي رپورٽ مطابق، سنڌ جي 65 سيڪڙو زرعي زمين مڪمل طور پاڻي هيٺ اچي وئي هئي، جنهن سان ڪڻڪ، ڪپهه، ۽ ڀاڄين جي پيداوار تي سڌو سنئون اثر پيوآهي. سامونڊي علائقن جهڙوڪ بدين، ٺٽو ۽ سجاول ۾ سمنڊ جي چاڙهه سبب هزارين ايڪڙ زمين سرسبز مان خراب ٿي چڪي آهي. اقوام متحده جي “Climate Risk Index” مطابق، پاڪستان 2023ع ۾ دنيا جي چوٿين خطري هيٺ ملڪ هو، جنهن ۾ سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل صوبو هو.
جون 2025ع جي آخري هفتي کان شروع ٿيندڙ مون سون جي برساتن جي لهر ملڪ جي خاص ڪري سنڌ جي اوڀر، ڏکڻ ۽ ساحلي علائقن تي شديد اثر وجهي سگهي ٿي، اين ڊي ايم اي به اهڙو الرٽ جاري ڪيو آهي. ڪراچي، بدين، سانگهڙ، لاڙڪاڻو، دادو، ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ 20 کان 80 ملي ميٽر تائين مينهن پوڻ جو امڪان آهي، جيڪا عام سراسريءَ کان 35٪ وڌيڪ آهي. ڪراچي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي نيڪال جو نظام ناڪام ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪنڌڪوٽ ۽ گهوٽڪي جي ڀرپاسي ۾ پاڻي زراعت کي وڏي نقصان پهچي سگهي ٿو. پاڪستان جي موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ وڌيڪ شديد مينهن سنڌ ۾ پوندو، خاص طور تي سڪرنڊ، ميرپورخاص، ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾. سامونڊي ضلعن لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، پر ريليف ۽ ريسپانس جو ڪو به جامع ميڪنزم موجود ناهي.
سنڌ حڪومت موسمي تبديليءَ بابت واعدا ته وڏا ڪيا آهن، پر انهن تي عملدرآمد تمام گهڻو گهٽ ڏسڻ ۾ آيو آهي. 2010ع کان وٺي 2022ع تائين جي ٻوڏن ۽ هاڻي 2025ع جي برساتن تائين، هر ڀيري رليف، ريسڪيو، ۽ ريهبليٽيشن لاءِ ايمرجنسي منصوبابندي، ڊونيشن ۽ عالمي امداد تي دارومدار رهيو، پر ڪنهن به ڊگهي رٿابندي، واٽر مينيجمينٽ پاليسي يا ماحولياتي تحفظ جي مستقل حڪمت عملي تي رڳو فائلن ۾ ئي محدود آھي. صوبائي موسمي تبديليءَ واري کاتي لاءِ رڳو 1.3 ارب روپيا رکيا ويا اهن، پر ٻوڏ کان پوءِ رڳو متاثرن جي بحاليءَ لاءِ لڳ ڀڳ 350 ارب روپين جي ضرورت جو ڪاٿو لڳايو ويو آھي. ھيٺين ۽ سامونڊي علائقن جي لاءِ ڪو به جامع ماسٽر پلان نه آهي، ۽ نه ئي مقامي سطح تي ڪنهن ٻوڏ الرٽ سسٽم کي جديد بڻايو ويو آهي.
سنڌ ۾ زميني، پاڻي ۽ ٻيلن جي وسيلن تي وڏيرن، اثرائتن سياستدانن ۽ بحاليءَ جي فنڊن تي قبضا ڪندڙ مافيا جي اجاري داري آهي. ڪاڇي، عمرڪوٽ ۽ بدين ۾ ٻيلن جي زمينن تي قبضا ڪندڙ اڪثر اهي ماڻهو آهن، جن کي صوبائي حڪومت جي حمايت حاصل آهي. 2010ع جي ٻوڏ کان پوءِ ٺهيل بندن، اسپلن، ۽ روڊن جي مرمت لاءِ آيل فنڊز جو وڏو حصو ڪاغذن تائين محدود رهيو. نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (NDMA) ۽ سنڌ ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (SDMA) جي وچ ۾ ڪوارڊينيشن جي کوٽ، ريسڪيو ۾ وڏي رڪاوٽ بڻجي چڪي آهي.
جيڪڏهن سنڌ کي ايندڙ ڏهن سالن جي موسمي خطري کان بچائڻو آهي ته ضروري آهي ته لوڪل گورنمينٽ نظام کي بحال ڪيو وڃي ته جيئن مقامي سطح تي تياريون، خبرداريون ۽ بچاءُ جا اپاءَ وقت سر ورتا وڃن. سمنڊ جي چاڙهه روڪڻ لاءِ “Sea Wall” ۽ “Mangrove Plantation” جهڙا منصوبا شروع ڪرڻ گهرجن. ٽيڪنيڪل يونيورسٽين، زرعي ادارن ۽ موسميات کاتي وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪري، ڊيٽا تي ٻڌل پاليسيون ٺاهڻ ضرورت آهي. اسان کي ٻوڏ، خشڪ سالين ۽ گرميءَ جي لهرن لاءِ ابتدائي خبرداريءَ جا سسٽم کي جديد بڻائڻ گهرجي، ۽ عالمي امداد کي شفاف انداز سان ورهائڻ لاءِ آزاد بورڊ قائم ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي.
سنڌ لاءِ موسمي تبديلي ڪو خيالي خطرو نه پر هڪ حقيقي خطرو آهي جيڪو هر سال فصلن، ماڻهن، گهرن، مال متاع، پاڻي ۽ ماحول کي شديد نقصان پهچائي رهيو آهي. 2025ع جي جاري مون سون سنڌ واسين لاءِ هڪ وڏي آزمائش بڻجي چڪي آهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت 2010ع جي سبقن مان نه سکندي، ته پوءِ اڳتي هلي موسمي تبديلي سنڌ جي واسين کي لڏ پلاڻ، بک، ۽ بيروزگاري ڏانهن ڌڪيندي، جنهن جو ازالو ڪرڻ ممڪن ئي نه آهي.