اسلام آباد(بيورو رپورٽ) موسمياتي تبديلي اٿارٽي ٺاهڻ بابت  اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ سپريم ڪورٽ کي ڪابينا مان منظور جي حوالي سان آگاهه ڪري ڇڏيو. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اوهان سڀاڻي سمري عدالت ۾ پيش ڪريو. پوءِ فنڊز جي حوالي سان معاملي کي به ڏسي وٺنداسين. سپريم ڪورٽ ۾ موسمياتي تبديلي اٿارٽي جي قيام متعلق ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ عدالت سامهون پيش ٿي چيو ته موسمياتي تبديلي جي قيام لاءِ ڪابينا مان سمري اڄ منظوري ٿي ويندي. جسٽس منصور علي ساهه چيو ته ٺيڪ آهي پوءِ سڀاڻي اٿارٽي جي قيام متعلق سمري عدالت ۾ پيش ڪريو. اٿارٽي جي قيام متعلق پهريون آرڊر ڪڏهن ٿيو؟ اٽارني جنرل چيو ته ڇهه مئي تي اٿارٽي جي قيام متعلق چيو هو، موسمياتي تبديلي جي ٽوٽل 9 ميمبرن مان چار ميمبر صوبن مان ٿيڻا آهن. اميدوارن کي شارٽ لسٽ ڪرڻ وارو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي. چار صوبائي ميمبر جڏهن ته ٽي وفاق جا ميمبر مقرر ٿي چڪا آهن.