موسمي تبديلي: آخر ڇا ڪجي ؟

0
68
موسمي-تبديلي-آخر-ڇا-ڪجي-؟

موسمي تبديلي ڇا آھي ؟

ڌرتيءَ جي فضا ۾ مختلف گئسون ٿين ٿيون جيڪي سج جي روشني کي زمين کان واپس خلا ۾ موٽي وڃڻ کان روڪين ٿيون ۽ سج جي تپش کي ڌرتيءَ جي فضائي ماحول ۾ ئي قيد ڪري ڇڏين ٿيون سائنسدانن طرفان انهن گئسن کي  گرين ھائوس گئسون (Green House Gases ) ۽ ان عمل کي گرين هائوس افيڪٽ (Green House Effect) جو نالو ڏنو ويو آهي، انهن گئسن جي مقدار ۾ اضافي ڌرتيءَ جي موسمي نظام کي سڌو سنئون متاثر ڪيو آھي جنهن کي موسمياتي تبديلي (Climate Change) يا گلوبل وارمنگ (Global Warming) (گرمي پد ۾ اضافي) جو نالو ڏنو ويو آھي.

موسمي تبديلي جا اثرات.

                 گلوبل وارمنگ ڪنهن جنگ يا ايٽم بم کا وڌيڪ خطرناڪ آھي ۽ اسان لاءِ وقت جو سڀ کان وڏو چئلينج آھي، سائنسدان وڌندڙ گرمي پد کي ٽائيم بم سان تشبيھھ به ڏيندا رهيا آھن. جنهن مجموعي طور تي پوري دنيا جي انسانن کي متاثر ڪيو آھي.

 ڌرتي جي گولي تي گرميءَ ۾ اضافي ٿي وڃڻ ڪري انٽارڪٽڪا کنڊ جا برفاني پھاڙ جيڪي ھزارين سالن کان سمنڊ جي پاڻي جي وڏي حصي کي  سامونڊي سطح کان مٿي محفوظ رکندا پئي آيا، سي هاڻ پگهرجڻ لڳا آھن جيڪو عمل به پوري دنيا جي سمنڊن ۾ چاڙھ جو سبب بڻجي رهيو آھي، سائنسدانن جو چوڻ آھي ته ايندڙ وقت ۾ دنيا جا ڪافي شھر جيڪي سامونڊي سطح کان هيٺاهين تي آھن سي سمنڊن جي پاڻي هيٺ هميشه لاءِ گم ٿي ويندا ٻئي طرف گرمي جي شدت ڪري سمنڊن جو پاڻي بخارات بڻجي جھڙ جي شڪل اختيار ڪري انساني آبادي تي وسي رهيو آھي، جيڪو موجوده طوفاني برساتن جو اصل ڪارڻ آھي.

چين ۾ 61 سالن جي بدترين خشڪ سالي آئي آھي، ڊيم خالي لڳا پيا آھن، بجلي بچائڻ لاءِ چين جي حڪومت طرفان بيجنگ جي وڏين بلڊگين جون رات جي وقت لائيٽيون بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آھي

ٻئي طرف پاڪستان ۾ 30 سالن جون بدترين تاريخي طوفاني بارشون آھن

پاڪستان ۾ تاريخي سيلاب جو اچڻ ، ڪينيڊا ۾ درجا حرارت 50 ڊگري تائين پهچڻ ۽ مون سون جو آڪٽوبر تائين هلڻ اهو سڀ گلوبل وارمنگ جو اثر آھي.

ٻڌايو اهو پيو وڃي ته ايندڙ وقت ۾ گرمي جي شدت اڃان وڌندي، خليج بنگال ۽ بحيره عرب ۾ طاقتور سامونڊي طوفان ٺھندا ۽ سردي جي شدت ۾ به اضافو ٿيندو

پاڪستان تي موسمي تبديلي جا اثر:

موسمياتي تبديلي تي نظر رکندڙ جرمني جي هڪ اداري پاڪستان کي متاثر ملڪن جي فهرست ۾ اٺين نمبر تي رکيو آھي جڏھن ته جرمن واچ جي رپورٽ مطابق فلپائن ۽ ھيٽي کان پوءِ پاڪستان موسمي حالتن جي تباهڪارين جو سڀ کان گهڻو ۽ مستقل طور شڪار آھي جڏھن ته پاڪستان جو ان ماحولياتي گدلاڻ پيدا ڪرڻ ۾ 0.4 سيڪڙو يعني 1 سيڪڙوکان به گهٽ حصو آھي.

موسميات جي عالمي اداري WMO مطابق گلوبل وارمنگ جي نتيجي ۾ تيزي سان پگهرجندڙ گليشيئرس پاڪستان ۾ سيلاب جو سبب بڻجي رهيا آھن.

هن وقت پاڪستان ۾ سرڪاري انگن اکرن مطابق 33 ملين کان وڌيڪ ماڻھو متاثر ٿيا آھن. 1400 کان وڌيڪ مئا آھن، 12 لک گهر تباھھ ۽ 10 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آھي. اهي ته آھن سرڪاري انگ اکر ليڪن حقيقتون ڪجھھ ٻيون آھن تباھي اندازي کان وڌيڪ ٿي آھي ۽ ايندڙ وقت ۾ مهانگائي جي صورت ۾ اڃان ٿيندي ڇو ته فصل به مڪمل تباھھ ٿي ويا آھن، ان صورتحال ۾ ڏڪار پوڻ جو به پورو انديشو آھي.

موسمي تبديلي جا ماڻھن جي نفسيات تي اثر.

ان سموري موسمي تبديلي هن خطي جي ماڻھن جي نفسيات ۽ سماجي زندگي تي پڻ گهرا اثر ڇڏيا آھن ۽ اڃان ڇڏيندي، ڪرپٽ طبقاتي نظام حڪمراني جي ڪري ماڻھن ۾  بنيادي سهولتن کان محرومي، بک، بدحالي، بيماري، بيروزگاري، ڏوھن وارداتن، چِڙَ، پنڻ  ۽خودڪشين جي رجحان ۾ غيرمعمولي طور اضافو ٿيو آھي. جيڪي حالتون ماڻھن کي افراتفري يا انارڪي طرف به وٺي وڃي سگهن ٿيون. اھڙي سخت بحراني حالتن مان رجعت پرست ۽ ڪٽر مذھبي انتھاپسند قوتون به فائدو وٺي سگهن ٿيون.

موسمي تبديليءَ جا ڪارڻ ڪھڙا آھن ؟

سببن تي وينداسين ته  هي سڀ ڪجھھ ڪو اچانڪ ناهي ٿيو نه وري هڪڙي يا ٻن سالن جي ڳالھھ آھي پر انهيءَ ايندڙ عذاب جي باري ۾ سائنسدان ڏھاڪن کان وات ڦاڙي رڙيون ڪندا دنيا کي ٻڌائي رهيا هئا ته فطرت جي نظام سان هٿ چراند ڪئي وئي آھي ۽ نتيجو تمام ڀيانڪ نڪرڻ وارو آھي، ليڪن ڪنهن به ان طرف ڪو گھڻو ڌيان نه ڏنو هو ۽ ھاڻي به کوڙ اھڙا ماڻھو آھن جن کي اڃان تائين به ان موسمي تبديلي بابت ڪا ڄاڻ ناهي.

موسمي تبديليءَ جا ذميدار اهي عالمي سرمائيدار ملڪ آھن جن پنهنجي ڪارخانن ۾ تيار ڪيل شيون دنيا ۾ کپائي ڪافي پئسو ڪمايو آھي ۽ ترقي ڪئي آھي.

ڪارخانن جي چمنين مان ڏينهون ڏينهن دونهين جي صورت ۾ خارج ٿيندڙ ڪاربان گئس (CO2  جيڪا گرين هائوس گئس آھي) ماحول جي موسمي توازن کي بگاڙي موسمي خرابيون پيدا ڪري ڇڏيون آھن. ڪاربان جو ماحول ۾ وڌندڙ مقدار ڌرتيءَ کي دوزخ ۾ تبديل ڪري رهيو آھي. انهيءَ کان علاوه موٽرسائيڪلين، ڪارين،گاڏين، باھھ لڳندڙ جهنگلن، ڪوئلي تي هلندڙ بجلي گهرن مان به ڪاربان گئس خارج ٿئي ٿي، انساني آبادي ۽ ان جون گهرجون وڌي وڃڻ ڪري جهنگلن کي ختم  ڪري وڻن کي وڍي ڇڏڻ ۽ نوان وڻ نه لڳائڻ به هڪ اھم سبب آھن ڇو ته وڻ زهريلن گئسن جي زهر کي جذب ڪندا آھن،گرميءَ کي گهٽائيندا آھن (نم جو وڻ 4 ايئرڪنڊيشنز جيتري ٿڌ پيدا ڪندو آھي) ان کان سواءِ وڻ ماحول ۾ آڪسيجن جي مقدار کي وڌائيندا آھن، جيڪا انسانن جي جياپي لاءِ ضروري تمام ضروري شئي آھي..

هاڻي ڇا ٿيڻ گهرجي ؟

  1. موسمي تبديلين کي روڪڻ لاءِ ڀرپور تحريڪ هلائي وڃي ۽ آواز اٿاريو وڃي، روڊن تي نڪري احتجاج ڪيا وڃن ۽ عالمي دنيا کان مطالبو ڪجي  ته هوءَ ڪاربان خارج ڪندڙ ملڪن، ادارن، ڪمپنين، ڪارخانن ۽ ماڻھن تي بندش وجهي..

2.ملڪي ۽ عالمي سطح تي ڪاربان خارج ڪندڙن خلاف قانونسازي ڪئي وڃي ته جيئن انهن کي سزا ڏئي سگهجي.

  1. دنيا جي 5 وڏن برف جي گليشيئرن مان 4 پاڪستان ۾ آھن، گليشيئر پگهرجڻ ڪري پاڪستان جو نقصان سوايو ٿيو آھي ۽ اڃان ٿيندو، ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي اسان جي متاثر ماڻھن کي وڏيرن ھٿان امداد ۽ خيرات ڏيڻ بجاءِ (جيڪا انهن تائين پهچي به نه ٿي ) ماڻھن جي پاڻ سروي ڪرائي اصل حقدارن کي حرجاڻو ڀري ڏنو وڃي.

4.گئس، تيل ۽ ڪوئلي بجاءِ سج مان، (Solar Energy ) ذريعي هوا مان، (Wind Energy) ذريعي ۽ پاڻيءَ مان (Water Energy) ذريعي بجلي حاصل ڪرڻ کي ترجيح ڏني وڃي اهي سڀ ماحول دوست طريقا آھن.

  1. پبلڪ ٽرانسپورٽ جو نظام بھتر ڪيو وڃي ۽ ان تي سفر ڪيو وڃي ته جيئن موٽرسائيڪلن،ڪارين ۽ ٻين پرائيويٽ گاڏين جي دونهين کان بچي سگهجي، ان سان روڊن تي ٽريفڪ به گهٽ ٿيندي.
  2. وڻن جي وڍي تي پابندي لڳائي وڻ وڍيندڙ مافيائن کي سزا ڏني وڃي ۽ عالمي دنيا کان حرجاڻي طور ورتل پئسن مان نوان وڻ لڳائڻ جا پراجيڪٽ شروع ڪجن، پاڪستان جو اندازن 3 سيڪڙو حصو جهنگلن تي مشتمل آھي،جهنگلن جي ايراضي کي وڌائي گهٽ ۾ گھٽ 50 سيڪڙو ڪرڻ گهرجي.
  3. سيلابي پاڻي جا قدرتي رستا بحال ڪري اتان هوٽل، ناجائز ڪالونيون ختم ڪري پاڻي جي نيڪالي لاءِ رٿابندي ڪئي وڃي. شھرن مان ۾ به ڊرينيج سسٽم بھتر بڻايو وڃي
  4. اهو سڀ فلاحي رياستون ڪنديون آھن ۽ هتان جا ڪرپٽ حڪمران ھميشه اھڙن موقعن مان فائدو وٺي پنهنجا بينڪ اڪائونٽ ڀريندا رهيا آھن،انهي ڪري ڀرپور عوامي سڄاڳي آڻي انهن کي مجبور ڪيو وڃي ته عوام جو حق عوام کي ڏين ۽ ھتي سائنسي ۽ سماجي شعور رکندڙ ڏاھن کي ان حوالي سان ماڻھن ۾ سيمينارن ذريعي ۽ گلوبل وارمنگ جي حوالي سان مخصوص ادارا جوڙي جيڪي ماڻھن جي اندر موسمي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ جي خطرن آگاھھ ڪن جيڪا هن وقت ۾ پاڪستان جي اھم ترين ضرورت آھي.