حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار بورڊ موسمياتي تبديلي ۽ پيداواري خرچڻ ۾ واڌ سبب گذريل ٻن ڏھاڪن جي ڀيٽ ۾ سال 2024.25 دوران زرعي جنسن جي پيداوار  وڏي پيماني تي گھٽجڻ جو انڪشاف ڪيو آھي. سنڌ آبادگار بورڊ اھم زرعي شين جي برآمد تان پابندي ختم ڪرڻ ۽ فصلن جي انشورنس ڪرڻ جون تجويزون پڻ ڏئي ڇڏيون آھي. جڏھن ته سنڌ آبادگار بورڊ ڪينالز جي خلاف جدوجھد جاري رکندي ان کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آھي. ان سلسلي ۾ سنڌ آبادگار بورڊجو ااجلاس حيدرآباد ۾ محمود نواز شاھ جي صدارت ھيٺ ٿيو جنھن ۾ ڊاڪٽر محمد بشير نظاماڻي، ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، محمد طاھا ميمڻ، محمد ملوڪ نظاماڻي، احسن ارباب، يار محمد لغاري، مصطفيٰ نواز شاهه، عديل قاضي، سرمد نظاماڻي، مراد علي شاهه بُڪيرائي، علي مردان شاھ  ۽ ٻين شرڪت ڪئي.سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته زراعت جي ڪارڪردگي جيتري ھاڻوڪي مالي سال 2024.25 ۾ خراب ٿي آھي ايتري گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ ڪڏھن نه ٿي. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ھن سال  ڦٽين، مڪئي، چانورن، ڪمند ۽ خاص طور تي ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿيندي. پيداوار ۾ ان گهٽتائي جو مکيه ڪارڻ موسمياتي تبديلي آھي، جنھن ۾ تمام گهڻو گرمي پد، ٿوري وقت ۾ گھڻو مينھن وسڻ، سوڪھڙي جو ڦيرو، فصلن ۾ جيتن ۽ بيمارين ۾ واڌ ٿيڻ جا معاملا پڻ شامل آھن. ان کان علاوه  موسمياتي تبديلي جي اثرن توڙي پوک کي بچائڻ جي اپائن سبب پيداوار جي خرچن ۾ پڻ واڌ ٿي رھي آھي.  جڏھن ته ان جي ڀيٽ ۾ پيداوار ويتر گهٽجي رهي آهي. انھن سمورن معاملن کي آبادگار بنا ڪنهن اداري جي مدد جي پاڻ ئي منهن ڏئي رهيا آهن.اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته  ڦٽين، سارين، ڪڻڪ، گوبي، ٽماٽن، بصر،  بندگوبي ۽ واڱڻن سميت گھڻي ڀاڱي زرعي شين جا اگھ گهٽجي ويا آهن جنھن جا زرعي معيشت  تي خراب اثر پئجي رھيا آھن ۽ زراعت جي شعبي کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي. ملڪ ۾ ھن وقت مھانگائي گھٽجڻ جون جيڪي دعوائون ڪيون پيون وڃن تن جو اھم ڪارڻ رڳو زرعي شين جا اگھ وڏي پيماني تي گھٽجڻ ئي آھن، ان جي نتيجي ۾ زراعت کي وڏو نقصان پھچي رھيو آھي جنھن تي حڪومت جو ڪو ڌيان نه آھي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته آبادگارن کي  زرعي قرض گھٽ ملڻ، نقلي ۽ غير معياري جيت مار دوائن، غير معياري ٻجن سميت ڪيترائي مسئلا مستقل بنيادن تي موجود آھن جيڪي زرعي شعبي کي سخت متاثر ڪري رھيا آھن پر  حڪومت انهن حقيقتن کي نظرانداز ڪندي پئي اچي.سنڌ آبادگار بورڊ تجويزون ڏيندي چيو ته اھم زرعي شين جي برآمد تان پابندي ختم ڪرڻ گهرجي،  خانگي شعبي کي ترقي پسند ضابطن ھيٺ نوان ٻج آڻڻ جي اجازت ڏني وڃي، ٽارگيٽيڊ ۽ جوابده تحقيق تي ڌيان ڏنو وڃي،  موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ فصلن جي انشورنس ڪرائي وڃي، ڳوٺاڻن علائقن ۾ 8 کان 12 ڪلاڪن تائين گھربل زرعي ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 20 ڪلاڪن لاءِ بجلي جي فراهمي جاري رکي وڃي، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏني وڃي. اجلاس ۾  تجويز پيش ڪئي وئي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گذريل سال جو جائزو وٺي زرعي شعبي جي بھتري لاءِ  اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪرڻ گھرجي. سنڌ آبادگار بورڊ جي اجلاس ۾ چيو ويو ته اضافي ڪينالز جي خلاف شروع ڪيل پر امن احتجاجي تحريڪ جاري رھندي.  پاڪستان جي محدود دريائن تي اڳ موجود ڪينالز کان علاوه وڌيڪ ڪو به ڪينال قابل قبول نه آھي، ان سلسلي ۾ سنڌ آبادگار بورڊ سول سوسائٽي، ڪاروباري ۽ واپاري برادري ۽ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ توڙي عام ماڻھن کي ساڻ ڪري ان جدوجھد کي وڌيڪ تيز ڪندو.  اجلاس ۾ چيو  ويو ته  پاڪستان  ۾ موجود پاڻي جو  92 سيڪڙو  حصو زراعت لاءِ  استعمال ٿئي ٿو جڏھن تھ دنيا ۾ 75 سيڪڙو استعمال ٿيندو آھي جنھن ڪري اضافي پاڻي جو استعمال قابل قبول نه آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته 40 لک ايڪڙن کان وڌيڪ وارياسي علائقي کي سيراب ڪرڻ لاءِ پاڻي اڳ جي محدود وسيلن مان کڻڻ سان هيٺانهين پاسي خاص طور تي سنڌ ۾پاڻي جي وڏي کوٽ پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي.