والاريل القدس(م ڊ) اسرائيل جي ڳجهي ايجنسي موساد ايران جي روحاني اڳواڻ آيت الله علي خامنائي کي نانگ قرار ڏيندي کيس قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. ٽوئيٽر تي خامنائي جي تصوير شيئر ڪندي موساد جي اڪائونٽ تان چيو ويو آهي ته هڪ ڀيرو هي نانگ ختم ٿي ويو ته پوءِ هر ڪو فاتح بڻجي ويندو. جيڪا تصوير شيئر ڪئي وئي آهي ان ۾ خامنائي چيو آهي ته فلسطين يقينن فاتح بڻجندو.