مور ۽ مِينهن جي اهميت ڪو ٿر واسين کان پُڇي!…

0
22
مور ۽ مِينهن جي اهميت ڪو ٿر واسين کان پُڇي!...

اڄُ منهنجو صحرا سَرهو ٿيو آھي. منهنجو صحرا سَرهو ڏسي منهنجو مَن مهڪي پيو آھي. اڄُ آئون ڏاڍو خوش آھيان. آئون ان ڪري خوش آھيان جو مون مِٺو پاڻي پيتو آھي. اسين اُن ديس ۾ رهون ٿا جتي مِٺو پاڻي صرف مينهن ۾ ملندو آھي. اڄُ آئون ان ڪري به خوش آھيان جو هاڻ گاھ ٿيندو، ۽ منهنجي ٻولائي ٻَڪري سيم مان چَري ڍؤ ڪري ايندي. اُھا ٻَڪري جنهن کي بُکايل ڏسي مون کي پنهنجن ٻچن جي بُک وسري ويندي هُئي، اُن ٻَڪري ڍؤ ڪيو ته سمجهه مون ڍؤ ڪيو، ڇاڪاڻ ته اسين ٿاريلا پنهنجي پاليل مال کي ٻچن کان مٿي سمجهون ٿا. منهنجو پاليل مور هاڻي بُک ۾ آڌي رات جو اڌرايون اوڇنگارون نه ڪندو، هُو سيم مان سائو گاھ کائي مڌر ٽهوڪا ڪندو. آئون ان ڪري به خوش آھيان جو هاڻي کُنڀيون ٿينديون ۽ اسين چِڪن ۽ مَٽن واري مَور پوري ڪنداسين، مريڙو کاڌي ڪي ڏينهن ٿي ويا هُئا. اهو مريڙو پڻ هاڻ اسان جي رڌڻن جي رونق بڻجندو.

                 هڪ ٿريو سڀ ڪُجهه وساري سگهي ٿو، پر مريڙي جو ذائقو ڪڏھن به نٿو ڀلائي سگهي. آئون اڄُ ان ڪري به خوش آھيان جو هاڻي گدريون ۽ متيرا ٿيندا جن مان اسين انبن جو مزو وٺنداسين. اڄُ رڳو آئون سرهو ناهيان ٿيو، پر سمورو صحرا خوشيءَ ۾ نه پيو ماپي. اڄُ واگهو ڪولهيءَ پڻ خوش ٿيو آھي، جنهن کي سائو ساڳ کاڌي سال ٿي ويو هو، هاڻ مڙھن مان ميها چُونڊي آنڊو سائو ڪندو. اڄُ راملي جي چهري تي پڻ مُرڪ موٽي آئي آھي، جنهن کي اڇا ڏند ڪرڻ لاءِ هاڻ راڄ مان جهڻ ججهي ملي پوندي. اڄُ اُن ڌنار جو ٻار به ٻهڪي پيو آھي، جنهن کي نئين جُتي پائي نئون سال ٿي ويا هُئا. هاڻ اهو ان ڪري خوشُ آھي جو هاڻي ٻه مهينا هُن جا پير نه ٻرندا، ڇاڪاڻ ته ڌرتي ماتا سائو ويس ڪندي ۽ سائو گاھ هن جي اُڀراڻن پيرن تي پها رکندو! اڄُ اُھي معصوم ٻارڙا به ڏاڍا خوش آھن جن کي ڪڏھن به راند کيڏڻ لئه ريڊي ميڊ رانديڪو نه مليو هو، اڄُ اُهي ڀنل واريءَ مان پنهنجن هٿن سان اهڙا آرٽ جا شاهڪار رانديڪا ٺاهي ايڏا خوشُ آھن جو انهن جي خوشي ڏسي ابر جون اکيون آگمجي ور ور ڏيئي وسي رهيون آھن!

اڄُ اُھي بُکايل ٻارڙا به خوش آھن جن مائي جو ذرو صرف درسي ڪتابن ۾ ڏٺو هو، اُنهن کي پڻ وسڪاري ۾ کير لپ ملي ويندو. پکي، پکڻ، جيت، جناور سڀ خوش آھن ڇاڪاڻ ته انهن جي ان جَل جو بندوبست ٿي چُڪو آھي. وڌيڪ ڇا لکان. اسان جي هيڏي ساري خوشيءِ تي انهن کي پڻ خوش ٿيڻ کپي، جيڪي روز مٺي پاڻيءَ ۾ وهنجن ٿا، ۽ اسين هرڻن وانگر ڇلر جو پلر پيئڻ لاءِ سال جا اٺ مهينا هرڻ جي اکين جهڙي نيري امبر ۾ اکيون وجهي اوسيئڙو ڪريون ٿا ته من ڪو ولهار وسي پئي..سو هيل ولهار وٺو آھي. اسان پاڻيءَ پِي ڍؤ ڪيو آھي!

هي ڪهاڻي ٿر جي اُنهن ڳوٺن ۽ شهرن جي آھي، جتي رات مِينهن وٺو آھي. مِينهن ڇا وٺو آھي ڄڻ اُنهن عيد جو چَنڊ ڏٺو آھي. هي ڪهاڻي اُنهن اُڃارن چپن جي پياسوند پيڙا آھي جن چپن جي ڪپن مٺو پاڻيءَ فقط مِينهن جي ڏينهن پيتو آھي.

هي درد ڪٿا اُنهن معصوم ٻارڙن جي آھي جن آکايو پايو ڪري مِينهن کي مورن وانگي آوڪار ڏني آھي. هي پاڻيءَ جي ڪربناڪ ڪهاڻي اُنهن ڌراڙن جي دلين جي به ترجماني ڪري ٿي جن ڌراڙن جا مال ڀٽارا اواڙن تان اُڃارا ويندي تسيارا تَن ۽ مَن کڻي سُڪل سيمن ۾ اُسڙڪندا پيا آھن. هي روئدادِ جَل اُنهن پاڻهيارين جي پنڌ جي به آھي جن جي مٿن تي ٻيلهڙا ۽ ڪڇن ۾ ڪهلڙا ڏھرن ۾ ڏيئن وانگي ڏيک ڏيندا آھن پر حقيقت ۾ اُنهن جو درد هينئون ڦاڙ هوندو آھي. کارن ٻاڙن کوهن تي سڄو ڏينهن پاڻي لپ لاءِ اُسڙڪندڙ ٿر ڌڃاڻين کان ڪو پُڇي ته برسات ۽ ٿر جو تعلق ڪيترو گھرو آھي..!

مور ۽ مِينهن جي اهميت ته ڪو اسان ٿر واسين کان پُڇي. اسين ٿر واسي جيڪي مور کَنڀ کي مُقدس سمجهون ٿا، مور پنک مان مور ويڃڻا ٺاهي پنهنجي ثقافت کي اڄ به اُجاگر رکيو اچون. اسين ٿر واسي مِينهن سان به وڏو نِينهن نڀايون ٿا ڇو ته مِينهن اسان جو اَن جَل داتا آھي. مِينهن کان بنان ٿر اڌورو آهي. دڙن جي هن ديس جي آب اُڃاري ڌرتيءَ مِينهن جي سرتي آھي.

”ٿر آھي ٿَڻ تي نِڪي ڪَڻ تي“ واري ڪهاوت ان ڳالهه جي گواھ آھي ته اسين مارُو ماڻهو مال تي گُذر سفر ڪريون ٿا ۽ مال مِينهن کان سواءِ مري ويندو آھي. ٿر ۾ مِينهن جي اهميت جو اندازو ان روايت مان به لڳائي سگهجي ٿو جنهن روايت مطابق ٿر جي مشهور مالوند ساري سنگهار جُون 900 نانگيليون مينهون ٻنان ٻوڙ مِينهن ۾ مري ويون ته به اُن جي مُنهن تي مُرڪ هُئي ۽ هُو چوندو رهيو “ميهولا وُٺا ڀلا“ مطلب مِينهن جيترو وسي اوترو ڀلو. ”ٻُڏيءَ جا ٻيڻا“ واري ڪهاوت جا موجد به ٿر واسي ئي آھن ڇو ته ٿريا ڪڏھن به مِينهن مان ڪَڪ ناهن ٿيا. ڪيترا به مِينهن وسي وڃن ٿريا چوندا اڃا هڪڙو مِينهن وسي پوي ته پوءِ لهر ٿي وڃي. ٿرين جي مينهن سان مُحبت اَنوکي ۽ اعليٰ قسم جي آھي.

مِينهن ۽ مور ٿر جي ثقافت ۾ شامل آھن. مِينهن لاءِ سنؤڻ ساٺ ۽ اڳڪٿي لاءِ ٿر ۾ صدين پُراڻي سوشل سائنس به مروج آھي. جنهن جي آڌار تي ٿر جا جهونا بنان ڪنهن سائنسي آلي جي اڳواٽ ٻُڌائي ڏيندا ته هيل ڪيترو مِينهن وسندو؟ ڪڏھن وسندو؟ ڪهڙو وسندو؟ وڻن جي پَنن مان، مال جي اُٿڻ ويهڻ مان ۽ هوا جي رُخ مان پتو لڳائي وٺندا ته برسات ڪڏھن ۽ ڪهڙي وسندي. آسمان جي تبديلين مان به آسانيءَ سان پتو لڳائي وٺندا ته آيا هيل مِينهن وسندو يا نه؟

ساڪڙ ڪري سکري ورانڊ لگائي واءَ

ساسُو ڪهي بَهُوواري نان پيهرئي پرهي جاءَ

(صبح مهل آسمان ۾ آڙنگ هُجي ۽ شام جو هوا لڳي وڃي ته سس پنهنجي نُنهن کي چوي ٿو ڀلي مائٽن وڃ ڇو ته هي ڏُڪار جا آسار آھن.)

آساڙ ڪي ٻيج ڪان واڏڙ ڪان ويڄ

نيڙا راکو ٻڙڌيا آن کوڙي راکو بيج

(آرهڙ جي ٻيج (چنڊ جي تاريخ) جو جيڪڏھن آسمان ۾ بادل يا وڄُ ٿئي ته مِينهن وسڻ جي ايتري پڪ آھي جو ڍڳا ويجها رکجن ۽ جهوليءَ ۾ ٻج رکجي ملطب پوک جي تياري ڪجي.)

اُٻ تڻي آسرو، موگان تڻي ميهه

ساسُو تڻي ساسرو، سالا ڪوڙو نيهه

(جيستائين آسمان ۾ اُٻ آھي ته مِينهن جو آسرو آھي. موگون آھن ته مِينهن جي پَڪ آھي. ائين ئي جيستائين سس جيئري آھي ته ساهورا آھن باقي سالن واري مُحبت ڪُوڙي آھي.)

آڀي تتر کرڙي وڌوا ڪاجل ريک

او ورسي او ور ڪري تي ۾ مين نه ميک

(آسمان تتر کرڙي هُجي ۽ بيواھ عورت جي اک ۾ ڪاجل ته پڪ سمجهو آسمان وسندو ۽ بيواھ عورت ٻيو وَر ڪندي. ان ۾ ڪو شڪ نه سمجهڻ گُهرجي.)

دُشمن ڪي ڪرپا نه ڀلي، سڄڻ ڪي ڀلي تاس

سُورج تَپي گرمي ڪري، تَڏ ميهه ورسڻ ڪي آس

(دُشمن جي مهرباني به ڀلي ناهي هوندي ۽ سڄڻ جي ڇڙٻ به ڀلي هوندي آھي اھڙي ريت جڏھن سج تپندو آھي گرمي ٿيندي آھي تڏھن ئي مينهن وسڻ جي اُميد ٿيندي آھي.)

آکاڙ يعني آرهڙ مهيني ۾ مينهوڳي مُند شروع ٿيندي آھي. انهن مهينن کان اڳ ۾ به برسات وارا نکشتر هندڪي ليکي ۾ شروع ٿي ويندا آھن. جيڪي هن ريت هوندا آھن. روهڻ، ميگهسر، آڌر، وڏو وايو، ننڍو وايو، اشليش، اُوترا، مگهه وغيره. هر نکشتر 15 ڏينهن تي مُشتمل هوندو آھي ۽ اٺين ڏينهن آڌيليندو آھي. جيڪڏھن روهڻ جا 15 ڏينهن گرمي ٿئي، ۽ ميگهسر جا 15 ڏينهن ٺيڪ ٺاڪ هوائون لڳن تڏھن ئي آڌر ۾ مينهن وسندو آھي. آڌر جو مينهن آڳاٽو هوندو آھي جيڪو ڪرمين ڀاڳين ڪٿي ڪٿي وسندو آھي.

ان ڪري ٿر ۾ چوندا آھن ته آڌر جو مينهن ۽ پُوڻيٺيءَ جو پُٽ ڪنهن ڪنهن ڀاڳئي جي ڀاڳ ۾ ايندو آھي. هي ٻاجهر پوکڻ لاءِ تمام ڀلو لاڀ دائڪ هوندو آھي. آڌر ۾ نه وٺو ته واين ۾ وسندو واين ۾ نه وٺو ته اشليش ۾. جنهن بابت چيل آھي ته اشليش وسي ڏيسا ڏيس. مطلب هنن ڏينهن ۾ هر هند برسات وسندي. ان کان پوءِ آھن اُوترا. چون ٿا ته جي وسن اوترا ته ڌان نه کائن ڪُوترا. مطلب انهن ڏينهن ۾ برسات پوي ته ايترو اناج ٿئي جو ڪُتا نه کائين. مگهه نکشتر ۾ مُڱن جو فصل ڀلو ٿئي ۽ اشليش ۾ چونئرا (لوبيا) ڀلا ٿين جن بابت به چوڻي آھي ته ؛

مگهي مُونگ اشليشي چونئڙا

ڀلين واهو هاڙيان آڏا نه اوڙا

اهڙيون انيڪ ڪهاوتون، دوها، اڳڪٿيون ۽ سنئوڻ ساٺ برسات بابت آهن. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته برسات ٿر واسين جي زندگيءَ ۾ ڪيڏي نه اهم ۽ ضروري آھي.