مورو (ن پ ا) مورو ۾ اسپتال جي ڊاڪٽر حاڪم جوکيو جي گھر مان ڌاڙو لڳڻ خلاف جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽي پاران ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ليڊي ھيلٿ ورڪرز احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڊاڪٽر حيدر ڏاھري، ڊاڪٽر سجاد شاھ، يونس وسڻ، ڊاڪٽر رشيد ميمڻ، عائشا پيرزادو، نجما رند، عابدهه ميمڻ، نسيم گدارو، نازيا ڪورائي ۽ ٻين چيو ته ضلعي نوشھروفيروز ۾ امن امان جي صورتحال تمام خراب ٿيندي پئي وڃي، عام ماڻھن سان گڏ ڊاڪٽر به غير محفوظ بڻجي ويا آهن، هنن چيو ته ڊاڪٽرن جي گھرن ۾ ڌاڙا لڳي رھيا آھن پر پوليس ڪجهه نه پئي ڪري، هنن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر جي گهر ۾ ڌاڙو هڻندڙ جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.