مورو (ن پ ا) مورو ۾ لنجار ھائوس تي ڪجھه مھينا اڳ معمولي ڳالھه تان لنجار، بگٽي ۽ چانڊيا ڌرين ۾ جھيڙي دوران فائرنگ ۾ مارجي ويل واٽھڙو نوجوان دادلو عرف ڪارو لنجار واري واقعي جو فيصلو ڊاڪٽر اسد ڪلھوڙو، دوست سولنگي، افضل سولنگي، انورقائمخاني، اسلم آرائين، حبدار زرداري، علي گل خاصخيلي جي سرپئنچي ۾ڪيو ويو، فيصلي ۾ ڏوهي ڌرين تي مجموعي طور 86 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، جڏهن ته زرعي زمين جو فيصلو سرزمين ڏسي بعد ۾ ڪيو ويندو، فيصلي موجب 81 لک ڏنڊ جي رقم ٽئي ڌريون برابر جي حصي طور ڀرينديون، جنهن تحت لنجار، چانڊيا ۽ بگٽي ڌر 27 – 27 لک ڀرينديون، جڏهن ته ھڪ زخمي جا پنج لک چانڊيا برادري تي ڏنڊ پيو، زمين مٽا سٽا يا وڪرو ڪرڻ جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو.