مورو(ن پ ا) مورو  جي گچيرو روڊ جي رھواسڻ نسرين لغاري پنھنجي نياڻي شازيا سان گڏ احتجاج ڪندي چيو ته غريب مسڪين عورت آھيان، مون مجبوري تحت پئسا ورتا ھئا، جيڪي سمورا واپس ڪري ڇڏيا آھن پر ان باوجود مونکي پريشان ڪيو پيو وڃي، ھن الزام ھڻندي چيو ته مونکي ۽ منھنجي اولاد کي بااثر فرحان لغاري، منور لغاري، اظھر لغاري ۽ ٻيا سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.