مورو (ن پ ا) مورو ويجھو ڪانڌڙا ڪالوني جي رھواسي عورتن جو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، جتي مسمات عابده پروين، شبحانه ۽ محمد سڄڻ لاشاري چيو ته اسان سان زرعي زمين تي رھندڙ بااثر گھرن تي ھلان ڪري تشدد ڪيو آھي ۽ اسان کي نوجوان محمد سڄڻ لاشاري کي ڌڪ ھڻي ڏند ڀڳا آھن ۽ مرڻينگ ڪيو آھي، اسان اھڙي فرياد ڪورائي ٿاڻي تي کڻي وياسين پر اسان جو ڪو داد فرياد ناھي ڪيو ويو، ھنن الزام ھڻندي چيو ته اسان تي منور جتوئي، علي جتوئي، شبير جتوئي، بچل جتوئي ٻين ماڻھن سان گڏجي گھر ۾ ھلان ڪئي آھي، ھو بااثر آھن جن مان جان کي خطرو آھي ۽ ھو سنگين نتيجا ڀوڳڻ، ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي شھيد بينظير آباد، ايس ايس پي نوشھروفيروز، ايس ايچ او ڪورائي سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته مذڪورا ماڻھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.