مورو(ن پ ا) مورو شھر جي وارڊ 3 خليفه محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان ٻن گهرن کي باھ لڳي وئي، جنھن سبب واجد علي سولنگي سميت ٻن ڄڻن جي گهرن ۾ پيل سامان سڙي رک ٿي ويو، متاثرن ٻڌايو ته باهه لڳڻ سبب گهر ۾ پيل هنڌ، کٽون، ڪڻڪ ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، صرف جانيون بچائي نڪتا آھيون، فائر برگيڊ پڻ دير ڪئي جنهن ڪري ڪجهه به نه بچيو، هنن سرڪار ۽ سرندي وارن کي سهائتا جي اپيل ڪئي.