مورو(ن پ ا) سنڌ ۾ جتي قومپرست، سياسي سماجي، علمي، ادبي ۽ مذھبي حلقا سنڌو درياءَ تي ڌاڙي خلاف سراپا احتجاج بڻيل آھن، اتي شادي ڪندڙ نوان جوڙا به سنڌو درياءَ سان محبت جو اظهار ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن، مورو ۾ پرنٽنگ پريس تي ڇپجندڙ شادي ڪارڊن تي ڪئنال سمورا نامنظور جا نعرا لکي احتجاج رڪارڊ ڪرايو پيو وڃي، پرنٽنگ پريس جي مالڪ معروف مستوئي ٻڌايو ته هر ايندڙ سنڌي ڪئنال نامنظور لکرائي سنڌو درياءَ سان محبت جو اظهار ڪري رهيو آهي.