مورو (ن پ ا) موري شھر جي درس روڊ خليفہ پاڙي ۾ زرعي زمين ۽ گھٽيءَ جي لنگھ جي ديوار کڻڻ تان ھلندڙ جھيڙي تان رٽائرڊ پوليس اھلڪار غلام عباس لانگاھ گوليون ھڻي پنھنجي گھر واريءَ مسمات نور بانو لانگاھ کي قتل ۽ پوليس اھلڪار گلشير لانگاھ کي مرڻنگ ڪري فرار ٿي ويو،پوليس پھچي عورت جو لاش ۽ زخمي اھلڪار کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽر پاران زخمي کي طبي امداد ڏيڻ بعد وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاھ جي اسپتال منتقل ڪيو جيڪو رستي ۾ زخمن جا سور نہ سھندي فوت ٿي ويو،اسپتالن مان قتل ٿيل عورت ۽ نوجوان جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻي طرف نوجوان گلشير لانگاھ جي وارثن موجب ته اسان جو پاڻ ۾ 2 ايڪڙ 26 ويسا زرعي زمين ۽ گھر جي گھٽيءَ کان ديوار کڻڻ تان جھيڙو ھلندڙ ھو، جنھن تي اڄ غلام عباس لانگاھ گوليون ھڻي پنھنجي گھر واري نور بانو ۽ اسان جي نوجوان گلشير لانگاھ کي قتل ڪيو آھي.