مورو (ن پ ا) مورو شھر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ميزباني ھيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس مھراڻ سٽيزن ڪلب ۾ ڪوٺائي وئي جنهن ۾ موري جي سياسي، سماجي، علمي ادبي، مذھبي ۽ قومپرست اڳواڻ، ڪاروباري شخصيتن، صحافين ۽ ساڃاھه وندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ياسين سومرو، عباس کوکر، اسلم ڪوريجو، غلام فريد ڪلھوڙو، خان محمد سومرو، علي اصغر بليدي، ذيشان وسطڙو، جگديش ڪمار، اظھار مخدوم، محمد اسحاق ڪورائي، خالد ٻگھيو، اسلم حب، امير علي لغاري، وحيد رزاق مستوئي، عبدالمالڪ ابڙو، ايڊووڪيٽ گلزار عالماڻي، بدرالدين ميمڻ، امين چوھاڻ، ڪامريڊ بلاول ڏاھري، ميانداد لنڊ، سڪندر ڪورائي ۽ ٻين چيو ته اسان جو مورو شھر نڌڻڪو نه آهي، پنھنجي شھر جي حفاظت ڪنداسين ۽ ھر مسئلي تي ڀرپور آواز اٿارينداسين، مورو شھر جا بنيادي مسئلا آھن حل لاءِ ڊگھي جدوجھد ڪرڻ جي ضرورت آھي، مورو ۾ بجلي، گيس، صفائي سٿرائي، ڊرينيج، تعليم، صحت، ترقياتي ڪمن جي کوٽ، وياج خوريءَ، ذخيرہ اندوزي، ھر شئي تي من پسند اگھن سميت ٻيا ڪيترائي مسئلا آھن جيڪي حل ٿيڻ بجاءِ وڌي ويا آھن، ھنن چيو ته مورو ۾ امن امان جي صورتحال پڻ خراب ٿيندي پئي وڃي، سبزي مڇي مارڪيٽ تي قبضو آھي، شھر جو مين روڊ گوشت ۽ مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو آھي، سرڪاري پلاٽن تي غير قانوني قبضا ڪيا ويا آھن، سول اسپتال ۾ مريضن کي بھتر علاج جون سهولتون ناھن، مورو شھر جو ڊرينيج مڪمل تباھ ٿي چڪو آھي، صفائي سٿرائي ناھي، وياج جي ڪاروبار ڪيترائي خاندان تباھ ڪري ڇڏيا آھن، منشيات نوجوان نسل تباھ ڪري رھي آھي، مورو شھر جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ سمورن سياسي پارٽين جو ھڪ گڏيل مورو بچايو اتحاد پڻ جوڙيو ويو ۽ ادارن کي مسئلا ڪرڻ لاءِ ھڪ ھفتي جي مُھلت ڏني وئي.