مورو (رپورٽ: وحيد مستوئي) مورو ۾ ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ جو ڇاپو، 2 ڪروڙ 70 لک پرڏيهي ڪرنسي هٿ، جوابدار گرفتار، ايف آءِ اي اسلام آباد ڪارروائي ڪندي غير قانوني ڪرنسي جي مٽا سٽا ۾ ملوث ھڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو، هنڊي جي ڪاروبار ۾ ملوث جوابدار جي سڃاڻپ درس روڊ واسي ادريس احمد طور ڏيکاري وئي آھي، ايف آءِ اي موجب گرفتار جوابدار هنڊي ۽ غير قانوني ڪرنسي مٽائڻ ۾ ملوث آهي، جوابدار جي قبضي مان 31557 آمريڪي ڊالر، 105861 سعودي ريال، 13200 يورو، 67700 ترڪي درھم، 1585 يو اي درهم، 1535 برطانوي پائونڊ، 10000 ڪورين يوان هٿ ڪيا ويا، ايف آءِ اي موجب جوابدار وٽان برآمد ٿيل ڪرنسي جي ماليت 2 ڪروڙ 70 لک رپين کان وڌيڪ آهي، جڏھن ته جوابدار وٽان موبائل فون، چيڪ بڪ پڻ هٿ آيا آهن، ايف آءِ اي موجب جوابدارن خلاف ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.