مورو (ن پ ا) مورو ڀرسان ڳوٺ قمرالدين چانڊيو واسي پورھيت عبدالرزاق چانڊيو کي پئسن جي ڏيتي ليتي تان ھٿيارن جي زور تي مبينا اغوا ڪرڻ بعد ڳوٺ ھوت خان ۾ تشدد جو نشانو بڻائي سندس ڀرون، شھپر، ڏاڙھي ۽ اڌ مٿي جا وار ڪوڙي ڳوٺ ۾ گھمائي تذليل ڪئي، اھڙي عمل خلاف متاثر پورھيت پنھنجي ڀائرن معشوق چانڊيو، نادر ۽ شوڪت چانڊيو سان گڏجي هتي احتجاج ڪندي چيو ته بااثر جوابدارن غازي چانڊيو، پيارو خان، اڪبر چانڊيو ساٿين جي مدد سان پيسن جي ڏيتي ليتي تان اغوا ڪري تذليل جو نشانو بڻايو، واقعي جي اين سي پڻ داخل ڪرائي آھي پر پوليس بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رھي آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تذليل ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.