مورو (رپورٽ: وحيد رزاق مستوئي) مورو ڀرسان زميني تڪرار تان ڀاڻيجن هٿان مامو قتل، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، ڪيس داخل نه ٿيو، ڇاپا، جوابدار هٿ نه آيا، خبر موجب ڳوٺ حسين آباد ۾ زميني تڪرار تان ڀاڻيجن فائرنگ ڪري زمين ۾ ڪم ڪندڙ 45 سالن جي مامي رياض لغاري کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس پھچي مقتول جو لاش تعلقه اسپتال مورو آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش ڳوٺ حسين آباد گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، قتل واري واقعي بعد ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، مقتول جي ڀاءُ قمبر علي لغاري ٻڌايو ته سندس ڀاءُ رياض زمين تي ڪم ڪري رھيو ھو ته ڀاڻيجن صداقت لغاري، نيئر لغاري ۽ انهن جي والد سڪندر لغاري ٻن نامعلوم ماڻھن سان گڏجي کيس فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن کين جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.