مورو(رپورٽ: وحيد مستوئي) مورو ڀرسان ڳوٺ ٽپال سولنگي ۾ ھلندڙ منشيات ۽ نشي جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف نوابشاهه ۽ نوشهروفيروز پوليس جو آپريشن، ڳوٺاڻن ۽ جوابدارن جي مزاحمت، فائرنگ، ايس ايچ او ۽ 2 اهلڪار زخمي، 10 کان مٿي شڪي گرفتار، پوليس پاران ڪيترائي گهر ڊاهي پٽ، خبر موجب ڳوٺ ٽپال سولنگي ۾ ڏوهارين جي موجودگي جي اطلاع تي نوشهروفيروز ۽ شهيد بينظير آباد پوليس گڏيل طور ڳوٺ ٽپال سولنگي ۾ آپريشن ڪيو، جنهن دوران سنگين ڪيسن ۾ گهربل ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻن ۽ جوابدارن مزاحمت ڪئي، جنهن ۾ ايس ايچ او پڊعيدن شڪيل اعواڻ ۽ 2 پوليس اهلڪار نذير ۽ ڪوڙل سولنگي زخمي ٿي پيا، پوليس موجب آپريشن دوران ڳوٺ مان 17 ڪٽا نشي آور آداب گٽڪو، 34 ڪٽا زيد 21 گٽڪو، وسڪي جا 52 ڪارٽون، بيئر جا 25 ڪارٽون، 6 موٽر سائيڪلون، ھڪ ريپيٽر، ھڪ ڊبل بيريئر شاٽ گن ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو، پوليس موجب آپريشن دوران جوابدار امام علي سولنگي، آصف سولنگي، عبدالله سولنگي، حاجن سولنگي سميت 10 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس ڪارروائي ڪري ڪرين مشين ذريعي ڳوٺ ۾ ڪجھه جوابدارن جا گھر ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا، پوليس ڪارروائي دوران هٿ ڪيل نشي آور سوپاريون ۽ شراب جي بوتلن کي مورو ٿاڻي تي آڻي مال خاني ۾ رکرائي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته آپريشن منشيات ۽ منشيات فروشن خلاف ڪيو ويو جيڪي سرعام قانون کي چيلنج ڪن پيا ۽ ٻين ڏوھن ۾ پڻ ملوث آهن، جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، گرفتار ٿيل ماڻهن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي.