مورو(رپورٽ: وحيد مستوئي) مورو ويجھو موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا اجل جو شڪار، خبر موجب خالد آباد وٽ موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ سونهري فارم واسي موٽرسائيڪل سوار 2 ڄڻا وڏيرو سياڻو ڏاهري ۽ محمد عمر ڏاهري ٿڏي تي فوت ٿي ويا، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي ڄڻا مورو شھر کان ڳوٺ وڃي رھيا ھئا ته حادثو ٿيو، فوتين جا لاش مورو اسپتال آندا ويا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، حادثي بعد ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيور فرار ٿي ويو، پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.