مورو (ن پ ا) النور لاثاني بورڊ گتا فيڪٽري ڀرسان باغيچي کي لڳل باھ وسائيندي سونھري فارم واسي سيڪيورٽي سپروائيزر ارباب رند فوت ٿي ويو، قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي گڏ ڊيوٽي ڪندڙن جو چوڻ هو ته گتا فيڪٽري ويجھو ٻاھرين پاسي کان باغيچي کي باھ لڳي وئي جيڪا وڌي فيڪٽري طرف اچي رهي هئي، جنھن کي وسائڻ دوران دونھين سبب ساھ ٻوساٽجڻ سبب ارباب رند بيھوش ٿي ويو، جنهن کي اسپتال آندو ته ڊاڪٽر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.