نوشهروفيروز/مورو (نمائندن وٽان) مورو ۾ سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف ڌرڻي دوران گرفتار ڪيل 86 قومپرست ڪارڪنن کي اڃ ۽ بک تي رکڻ بعد مورو پوليس دھشتگردي ٽوڙ نوشهروفيروز جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد گرفتار ڪارڪنن کي ھڪ ڏينھن لاءِ جڊيشل رمانڊ تي ڊسٽرڪٽ جيل موڪلڻ، زخمي ڪارڪنن کي سول اسپتال نوشهروفيروز منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، گرفتار ڪارڪنن ۾ علي راز شر، جاويد علي شر، محمد سليم شر، علي محمد شر، عبدالڪريم شر، عبدالخالق شر، طارق حسين شر، ابوبڪر شر، شاھد حسين شر، علي جان شر، محرم ماڇي، حسنين علي ڏيرو، عبدالله شر، علي حسن شر، سڌير مڱڻھار، علي وفا شر، سھيل شر، آڪاش جھتيال، ڪامران ميراڻي، بلاول ٻلھڙو، نديم ڪانڌڙو، بھاول چانگ، ذيشان چانگ، حبيب شر، آفتاب عرف آفي چاچڙ، اسدالله شر، عبدالرشيد ڪلھوڙو، عبدالواحد عمراڻي، امتياز شر، ماجد جوڳي، عمران شر، قربان اوٺو، بلاول ڪلھوڙو، يار محمد جوڳي، شاڪر شر، قادر بخش شر، علي شر، شاھزيب وڳڻ، نديم لغاري، امجد وڳڻ، احمد خان لغاري، نعمت الله لغاري، اظھر حسين لغاري، سجاد علي لغاري، محمد علي لاکير، نياز علي ڪلھوڙو، مدد علي ڪولاچي، مير مرتضيٰ ڪولاچي، عطا محمد راڄپر، جميل احمد راڄپر، حسنين، ڪامران ڀٽي، اسرار علي، شاھد علي ڪلھوڙو، سرواڻ ڀٽي، عزيز جتوئي، نعمت الله چنو، وڪيل سولنگي، ڪامران چاچڙ، وسيم جتوئي، راڻو جتوئي، ذوھيب جتوئي، عاشقن لاکو، محمد عرفان مگسي، پسند علي مري، احسان اوٺو، گلشير کوکر، عرفان کوسو، علي اصغر کوسو، عبدالوھاب کوسو، سعيد علي جتوئي، طارق لانگاھ، گلاب چانڊيو، الطاف جوڻو، ذيشان علي منگي، وسيم عباس منگي، ظھير ڀان، دريا خان، روحل لغاري، طه شر، مھراڻ ميراڻي شامل آھن، جڏھن ته سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري تاج جويو، لطيف راشد مورائي، ايڊووڪيٽ گلزار عالماڻي، امر امتياز ۽ ٻين پھچي قومي ڪارڪنن سان ملاقات ڪئي، ٻئي پاسي مورو بار ايسوسيئشن جي صدر ۽ سندس وڪيلن جي ٽيم مورو ٿاڻي تي پھچي ننڍي عمر ھجڻ تي 10 ڄڻن کي آزاد ڪرايو، ايڊووڪيٽ قادر بخش ڪورائي، ايڊووڪيٽ تهمينا قادر ڪورائي، اي ڪي عباسي، غلام مصطفيٰ چوھاڻ، اياز ڪورائي، صدا حسين شر ۽ ٻين چيو ته اسان ساھ جي آخري گھڙيءَ تائين جدوجھد جاري رکنداسين ۽ سنڌ دشمن سازشون ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، ھوڏانھن مورو ۾ قومي شاھراهه تي پر امن قومي ڪارڪنن تي لٺبازي ۽ فائرنگ ڪري گرفتار ڪرڻ خلاف اڄ جسم رياض چانڊيو طرفان شھيد بينظير آباد ڊويزن ۾ ھڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي.