موري جهڙا واقعا سنڀالڻ پوليس جي ذميواري آهي، آءِ جي ڪاميٽي ڀلي جاچ ڪري : هاءِ ڪورٽ

0
28
موري جهڙا واقعا سنڀالڻ پوليس جي ذميواري آهي، آءِ جي ڪاميٽي ڀلي جاچ ڪري : هاءِ ڪورٽ
موري جهڙا واقعا سنڀالڻ پوليس جي ذميواري آهي، آءِ جي ڪاميٽي ڀلي جاچ ڪري : هاءِ ڪورٽ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مورو واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ بابت داخل درخواست تي لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته درخواستگذار قربان لغاري مورو واقعي جي جاچ لاءِ آءِ جي سنڌ پاران قائم ڪيل پوليس ڪاميٽي خلاف درخواست داخل ڪئي آهي، پٽيشنر موجب پوليس پاران قائم ڪيل ڪاميٽي مفادن جو ٽڪراءُ آهي، پوليس پنهنجي خلاف شفاف جاچ نه ڪري سگهندي، عدالت پنهنجي لکت واري حڪم ۾ چيو آهي ته ڪاميٽي جي ٽي او آرز ۾ موري واقعي جي حقيقتن جي نشاندهي شامل آهي، ڪاميٽي جواب ۽ پوليس آفيسرن جو تعين ڪندي، پوليس ڪاميٽي مستقل حڪم ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ پنهنجون سفارشون پڻ پيش ڪندي، ظاهري طور ڪاميٽي جو  بنيادي مقصد پوليس جي جاچ  جو جائزو وٺي سفارشون ڪرڻ آهي، عدالت چيو آهي ته مورو جهڙن واقعن جي صورتحال کي سنڀالڻ، ڌرڻن ۽ روڊن جي بندش کي منهن ڏيڻ پوليس جي ذميواري آهي، پوليس جي اها به ذميواري آهي ته اهڙي صورتحال شدت اختيار نه ڪري، مورو  ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن ڪاوڙ ۾ اچي نجي ملڪيتن کي نقصان پهچايو، واقعي ۾ انساني جانين جو نقصان ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا،  واقعي سبب هاءَ وي تي ٽريفڪ معطل ۽ عام ماڻهن جي زندگي متاثر ٿي، عدالت موجب  پوليس جي جاچ ڪاميٽي جي قيام واري نوٽيفڪيشن ۾ ڪا به قانوني خامي نه ملي آهي، پوليس ڪاميٽي جون ٽي او آرز مستقبل ۾ اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ معاونت ڪنديون، عدالت چيو ته مورو واقعي جي ڪيسن جي جاچ قانون موجب ڪئي وڃي، قربان لغاري جي درخواست کي ٻين مختلف درخواستن سان گڏ رد ڪيو وڃي ٿو.