مورو (ن پ ا) مورو ويجھو ڳوٺ نور محمد خاصخيلي جي رھواسين افضل خاصخيلي ۽ عبداللطيف خاصخيلي احتجاج ڪندي چيو ته سندن ڳوٺ تي مختلف ٿاڻن جي پوليس چڙھائي ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ۽ ٻارڙن توڙي عورتن تي تشدد ڪري ٻن نوجوانن شاگرد امان الله خاصخيلي ۽ پورھيت عبدالرحمان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي، هنن چيو ته پوليس گھرن مان 3 موٽرسائيڪلون، 8 ٻڪريون ۽ ھڪ موبائل فون، روڪ رقم کڻي وئي آھي، ھنن الزام ھڻندي چيو ته اسان جي ڳوٺ تي سياسي شخصيت جي چرچ تي چڙھائي ڪئي وئي آھي، هنن چيو ته اسان عدالتي ڇاپو هڻايو پر کڙڪ پوڻ تي نوان جتوئي ٿاڻي جي پوليس نوجوانن کي لڪائي ڇڏيو، هنن مطالبو ڪيو ته چڙهائي جي جاچ ڪرائي گرفتار ڪيل نوجوانن کي آزاد ڪيو وڃي.