مورو(ن پ ا) مورو ۾ ڳوٺ ملڪ جي رھواسين بااثرن پاران زرعي زمين تي قبضو ڪرڻ، موت مار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي خدا بخش شاھه، نبن شاھه، محرم علي شاهه ۽ ٻين چيو ته اسان جي ديھه صالحپور ۾ 25 ايڪڙ زرعي زمين اباڻي ملڪيت آھي، جنھن تي بااثرن اختر ۽ اڪرم وارن ھٿيارن جي زور قبضو ڪيو آهي ۽ ڏاڍ تحت ھر فصل کڻي رھيا آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اباڻي ملڪيت زرعي زمين واپس ڏياري انصاف فراهم ڪيو وڃي.