مورو(ن پ ا) مورو شھر جي گچيرو روڊ واسي عورتن معصوم ٻارڙن سان گڏ پاڪ ڪتاب کڻي نوجوان مزمل لغاري جي آزاديءَ لاءِ احتجاج ڪيو، ان موقعي تي ڪبريٰ، پروين، گلفانه چيو ته نوجوان مزمل لغاري کي بنا جواز گرفتار ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته مزمل پنھنجي پٽ جو علاج ڪرائڻ اسپتال ويو ھو، جنھن کي اتان کنڀيو ويو آھي، هنن چيو مزمل کي ھن وقت تائين ظاھر ناھي ڪيو ويو، مٿان عيد آهي، پر نوجوان بنا اسان ڪهڙي عيد ڪنداسين، امڙ جو چوڻ ھو ته مان گھر گھر ڪم ڪار ڪندي آھيان، اسان جو ڪنھن به تنظيم سان ڪو واسطو ناھي، هنن مزمل کي آزاد ڪرڻ جي گهر ڪئي.