مورو (ن پ ا) مورو ۾ ڏيڍ مھينو اڳ نافرمان پٽن پاران ڪچري جي ڍير تي اڇلايل پيرسن پيءُ امام بخش عرف بني ملاح کي علاج واسطي سوشل ورڪرن ۽ صحافين کڻائي مورو اسپتال پھچايو هو، جتي سندس کي ٽي ڏينھن رکڻ بعد بيزاري جو اظھار ڪندي زبردستي اسپتال مان کڻائي ايمبولينس ۾ وجهي نوابشاهه اسپتال ڦٽو ڪيو ويو جتي اسپتال عملي کيس ٻاھر ڪڍي ڇڏيو آهي، اسپتال انتظاميا پيرسن کي مورو ٻانڌي روڊ وٽ بنا ڪپڙن جي ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪچري جي ڍير تي اڇلائي ڇڏيو آهي، مورو جي وڪيل ۽ سوشل ورڪر گلزار عالماڻي پيرسن جي واھر نه ٿيڻ ۽ پٽن پاران وارثي نه ڪرڻ تي سندن خلاف ايڊيشنل سيشن ڪورٽ مورو ۾ درخواست داخل ڪئي آھي، جنھن ۾ ڊي سي نوشھرو فيروز، ڊي ايچ او  نوشھرو فيروز، ڊسٽرڪٽ سوشل آفيسر سميت پيرسن جي ٻن پٽن کي ڌر ڄاڻايو ويو آھي، جنھن بعد عدالت لاڳاپيل ڌرين کي 2 سيپٽمبر تي پيش ٿيڻ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھن.