مورو (ن پ ا) مورو جي فرسٽ سول جج مدد علي کوسو جي عدالت ۾ تعلقي مورو ۾ فون نيٽ ورڪ جي بندش بابت داخل درخواست تي ھڪ دفعو ٻيھر ٻڌڻي ٿي، جنھن ۾ ڪورٽ ذميوار انتظاميا تي ناراضگيءَ جو اظھار ڪندي نيٽ ورڪ فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته جيڪڏھن ڪورٽ جي حڪم جي خلاف ورزي ڪئي وئي ته قلم 188 پي پي سي تحت مٿين ڌرين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته تعلقي مورو جي لکين ماڻھن کي پريشان ڪيو ويو آھي، موبائل نيٽ ورڪ جي بندش جي ڪري گهٽ ۾ گهٽ ڏهه لک ماڻهو مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، خاص طور تي شاگرد پنهنجي آن لائن ڪلاسن ۾ شرڪت کان قاصر آهن، اسپتال، بينڪنگ سيڪٽر ۽ ڪاروباري طبقي ۽ هنگامي صحت جون خدمتون پڻ سخت متاثر ٿيون آهن.