مورو (ن پ ا) مورو شھر جي مين روڊ سميت مختلف ھنڌن تي ريڙھي تي سبزي ۽ فروٽ وڪرو ڪندڙ ۽ انتظاميا ۾ حد دخليون ھٽائڻ تان ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، ان ڏس ۾ پورھيتن احتجاجي مظاهرو ڪيو، شھر جي مين روڊ جي ٻنھي پاسن ۽ وچ واري حصي ي ريڙھي لڳائي سبزي ۽ فروٽ وڪرو ڪندڙ پورھيتن کي حددخلي ڄاڻائي اسسٽنٽ ڪمشنر ھٽائڻ لاءِ عملي سميت پهتو ته سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي پئي ۽ پورھيتن سخت نعريبازي ڪئي، جنھن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ھٽائڻ واري عمل کي روڪي ڇڏيو، ميونسپل ڪاميٽي آفيس ۾ اي سي پورھيت اڳواڻن سان ڳالھيون ڪري متبادل جاءِ ڏيڻ واري ھنڌ تي روزگار ڪرڻ جو چيو، هن چيو ته ان جاءِ تي پورھيتن کي ھر سھولت فراھم ڪئي ويندي، پورھيتن اي سي جي اهڙي تجويز کي رد ڪندي ان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پورهيتن چيو ته مھانگائي جي دور ۾ اڳ ئي بک ۽ بدحالي جو شڪار آھيون، مٿان وري روزگار کسيو پيو وڃي.