مورو(رپورٽ: وحيد رزاق مستوئي) مورو ۾ احتجاج دوران ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ چڪريون، ھڪ ڪارڪن مارجي ويو پوليس آفيسر سميت 8 ڄڻا زخمي گاڏين،  گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جي گهر کي باهيون، ڪيترائي ماڻهو گرفتار، شهر بند ٿي ويو. سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف مورو ۾ مختلف تنظيمن جي سڏ تي قومي شاھراھ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. پوليس ڪڙڪي پئي ۽ ڪارڪنن سان چڪريون ٿي پيون. پوليس پاران فائرنگ ڪئي وئي. مڇريل ڪارڪنن ۽ پوليس ھڪٻئي تي پٿراءُ به ڪيو. لٺيون ۽ ڏنڊا لڳڻ سبب 5 ڪارڪن ۽ ايس ايچ او سميت ٽي پوليس اھلڪار زخمي ٿي پيا. مڇريل ماڻهن ٽن گاڏين جا شيشا ٽوڙي باھ ڏئي ڇڏي. سنڌ جي گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جي مورو ۾ واقع گهر لنجار ھائوس ۾ به مڇريل ماڻهو داخل ٿي ويا ۽ ڀڃ ڊاھ ڪري سامان کي باھ ڏئي ڇڏي. زخمين ۾ عرفان لغاري، وشال لغاري، مير ھزار، زاھد لغاري، پوليس آفيسر غلام حسين ڏاھري ۽ ٻيا شامل آھن. عرفان لغاري ۽ زاھد لغاري جي حالت نازڪ هئڻ سبب نوابشاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زاھد لغاري زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو جڏھن ته عرفان جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. قومي شاھراھ تي اھڙي صورتحال پيدا ٿيڻ کانپوءِ مورو شھر مڪمل طور تي بند ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آھي ته مورو ۾ ھن وقت انتھائي تشويشناڪ صورتحال آھي مورو شھر بند ڪرايو ويو آهي. ھوڏانھن لنجار ھائوس جي ترجمان چيو آھي ته لنجار ھائوس ۾ ٻُٽون ٻڌل ماڻھو داخل ٿي باھ ڏني ۽ ڀڃ ڊاھ ڪئي ۽ شيشا ٽيبلون ڪرسيون ڀڳيون آھن انھن کي باھيون ڏنيون ويون آھن وڏو نقصان ڪيو ويو آھي اسان جا ملازم پڻ زخمي ڪيا ويا آھن اھا ھڪ سازش ھئي جنھن ۾ جيڪي به ملوث ھجن انھن قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار مورو ۾ احتجاج ۽ گاڏيون ساڙڻ جو نوٽيس ورتو، ايس ايس پي نوشهروفيروز کان تفصيل طلب ڪري ورتا، ھن چيو ته امن امان خراب ڪرڻ ۽ قانون جي رٽ چيلينج ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، امن خراب ڪندڙن خلاف ضلعي سطح تي پوليس کي حرڪت ۾ آندو وڃي، شهرين جي ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙ شرپسندن جي نشاندهي ڪري قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي. ھوڏانھن ڊويزن شھيد بينظير آباد، ضلعي نوشهروفيروز دادو پوليس جون سوين پوليس موبائلون نفري سان پھتيون جن قومي شاھراھ تي موجود ڪارڪنن کي منتشر ڪري ڇڏيو ۽ ڪجھ گرفتاريون پڻ ڪيون ويون آھن. جڏھن مختلف ڳوٺن ۾ چڙھائي پڻ ڪئي آھي جتان پوليس عورتون پيرسن معصوم ٻارڙا کڻي وئي آھي.